لاڙڪاڻو: لھر ڪالوني ۾ سلينڊر ڌماڪو، عورت فوت، ٻارڙن7 ڄڻا زخمي

فہرستِ مضامین

لاڙڪاڻي ۾ گئس سلينڊر ڦاٽڻ سبب عورت فوت ٿي وئي ۽ جڏھن تہ چئن ٻارڙن سميت 7 ڄڻا زخمي زخمي ٿي پيا جن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو آھي.

لاڙڪاڻي شھر جي لھر ڪالوني ۾ اوچتو سلينڊر ڦاٽڻ سبب ٽن گھرن جون ڇتيون پٽ ٿي ويون، واقعي ۾ 50ورھين جي مسمات ياسمين موقعي تي فوت ٿي وئي، جڏھن تہ ٻارڙن سميت 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

اطلاع تي ريسڪيو ٽيمن، ميونسپل عملي ۽ مقامي ماڻھن پھچي ملبو ھٽائي فوتي عورت جو مڙھ ۽ زخمين کي ڪڍي اسپتال پھچايو.

زخمي ٻارن ۾ 12 ورھين جي عليشہ، 10 ورھين جي زويہ، انوشہ ۽ ٻيا شامل آھن، جن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ٽراما سينٽر منتقل ڪيو ويو آھي.

ڊاڪٽرن موجب زخمي چئن ٻارن جي حالت ڳڻتي جوڳي آھي، جن کي ڪراچي منتقل ڪيو پيو وڃي، جڏھن تہ ٻيا زخمي وينٽيليٽر تي آھن.

انھي حوالي سان مقامي ماڻھن ٻڌايو تہ ڌماڪو مختيار جتوي جي گھر ۾ ٿيو، جنھن سبب ڀرپاسي جي گھرن کي بہ سخت نقصان پھتو آھي، واقعي تي علائقي ۾ ماحول سوڳوار ٿي ويو….

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں