سنڌ اسيمبلي جي تڪ 9 ڳڙھي ياسين تي ننڍي چونڊ دوران 2 لک 77 ھزار 792 ووٽرز لاءِ 178 پولنگ اسٽيشنز قائم ڪيون ويون ھيون، ووٽنگ صبح 8 وڳي شروع ٿي، جيڪا بنا رڪاروٽ جي شام پنجين وڳي تائين جاري رھي.
ڊبليو ٽي اين جي رپورٽنگ ٽيم محرم چانڊيو، ياسين ڌاريجو، گلزار علي سيٺار ننڍي چونڊ کي رپورٽ ڪندا رھيا، اُنھن کي مليل غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن موجب 178 پولنگ اسٽيشنز جا جيڪي نتيجا سامھون آيا اُنھن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي اميدوار آغا شھباز خان دراني 73 ھزار 664 ووٽ کنيا آھن، جڏھن تہ جي يو آءِ(ف) جي سيد رشداللہ امروٽي 9 ھزار 412 ووٽ کنيا ۽ ٽي ايل پي جي اسرار احمد ابڙو ھڪ ھزار 82 ووٽ کنيا، جڏھن تہ پاڪستان تحريڪ انصاف ھِن اليڪشن جو بائيڪاٽ ڪيو ھو.
جي يو آءِ اميدوار امروٽ شريف واري پولنگ بہ ھارائي ويو
جميعت علماءِ اسلام جي اميدوار رشد اللہ چونڊ مھم دوران سرگرم رھيو، پر چونڊ نتيجن موجب ھو پنھنجي اباڻي علائقي(گھر) جي پولنگ بہ ھارائي ويو آھي.
غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن موجب امروٽ شريف پولنگ اسٽيشن تي پيپلز پارٽي جي آغا شھباز دراني 525 ووٽ کنيا ۽ جي يو آءِ جي رشد اللہ کي 197 ووٽ مليا.
غيرسرڪاري نتيجن موجب صوبائي تڪ جي 178 پولنگ اسٽيشنز تي ووٽنگ ٿي، پيپلز پارٽي اميدوار آغا شهباز دراني جي يو آءِ ۽ ٽي ايل پي اميدوارن کي شڪست ڏني.ياد رھي تہ 178 پولنگ اسٽيشنز مان 54 کي انتهائي حساس جڏھن تہ 84 پولنگ اسٽيشنز کي حساس قرار ڏنو ويو هو، اليڪشن جي موقعي تي تڪ ۾ سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا هئا، پولنگ جو عمل مجموعي طور پرامن نموني مڪمل ٿيو.
سيڪيورٽي جا انتظام ڪيئن رھيا؟
پوليس ترجمان موجب ڳڙھي ياسين جي صوبائي تڪ تي ووٽنگ دوران پوليس آفيسرن سميت 300 اھلڪارن سيڪيورٽي جا انتظام سنڀاليا، جڏھن تہ رينجرز جي 200 جوانن حصو ورتو، مقامي رضاڪارن پڻ خدمتون سرانجام ڏنيون.ڊبليو ٽي اين جي نمائندن موجب پوليس اھلڪارن ۽ رينجرز جوانن جو وڏو انگ انتھائي حساس قرار ڏنل 54 پولنگ اسٽيشنز تي امن امان جي صورتحال يقيني بڻائڻ ۾ مصروف ھو.
پولنگ دوران ڪنھن بہ اڻوندڙ واقعو رپورٽ نہ ٿيو، جڏھن تہ جي يو آءِ جي مولانا راشد محمود سومرو الزام ھنيو تہ سندن ٻن پولنگ ايجنٽس کي گم ڪيو ويو ھو، نتيجن کانپوءِ کين ظاھر ڪيو ويو آھي، ھوڏانھن جي يو آءِ اڳواڻ ڳڙھي ياسين ٿاڻي تي گڏ ٿيا آھن، سندن چوڻ آھي تہ ايجنٽس کي گم ڪندڙن خلاف ايف آءِ آر داخل نہ ڪئي وئي تہ ھو ڌرڻو ھڻندا، ان حوالي سان راشد محمود سومرو پڻ ڪارڪنن کي ٽيليفونڪ خطاب دوران گڏ ٿيڻ جو اشارو ڏنو آھي.
جي يو آءِ اڳواڻ راشد محمود سومرو جو الزام آھي تہ حڪمران جماعت جي اڳواڻن سندن ايجنٽ گم ڪيا، جيڪڏھن ڪيس داخل نہ ڪيو ويو تہ ڪشمور کان ڪراچي تائين سمورا روڊ رستا بلاڪ ڪري ڌرڻا ھڻنداسين.
جي يو آءِ جو ووٽ بينڪ گھٽ ڇو ٿيو؟
ياد رھي تہ سنڌ اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر آغا سراج دراني 63 ھزار 760 ووٽن تان ڪاميابي ماڻي ھئي، جي يو آءِ جي رشد اللہ 25 ھزار 634 ووٽ کنيا ھئا، ٽي ايل پي 2 ھزار 697، مسلم ليگ (ن) جي محمد عمر 2422، جماعت اسلامي جي سرفراز احمد 2 ھزار 224 ۽ ٻين اميدوارن ڏيڍ ھزار جي لڳ ڀڳ ووٽ کنيا ھئا.
آغا سراج دراني جي لاڏاڻي کانپوءِ پاڪستان پيپلز پارٽي قيادت سندس پٽ آغا شھباز دراني کي ٽڪيٽ ڏني، جنھن وڏي مارجن يعني 73 ھزار 664 ووٽن سان جي يو آءِ اميدوار کي شڪست ڏني آھي، جنھن ڪُل 9 ھزار 412 ووٽ کنيا آھن، آغا سراج دراني جي پٽ پنھنجي مرحوم والد جي ڀيٽ ۾ 10 ھزار ووٽ وڌيڪ کنيا آھن، جڏھن تہ جي يو آءِ اميدوار کي لڳ ڀڳ 16 ھزار ووٽ گھٽ پيا آھن.
سياسي حلقن جو چوڻ آھي تہ جي يو آءِ جي ووٽ بينڪ گھٽجن پٺيان آغا سراج دراني جي لاڏاڻي سبب پيدا ٿيل صورتحال ٿي سگھي ٿي، ڇاڪاڻ تہ گھڻي ڀاڱي ووٽرز ھمدردي جي اظھار تي بہ ووٽ ڪاسٽ ڪيا آھن.
پيپلز پارٽي اڳواڻن ڪاميابي جو اڳواٽ اعلان ڇو ڪيو؟
پيپلز پارٽي جي اڳوڻي ايم پي اي ۽ شڪارپور ضلعي ڪائونسل جي چيئرمين ذوالفقار علي ڪماريو، برھان خان چانڊيو، امتياز شيخ ۽ ٻيا اڳواڻ پولنگ دوران ڳڙھي ياسين پھتا، جن صحافين سان ڳالھ ٻولھ دوران اڳواٽ ئي ڪاميابي جو اعلان ڪيو.
برھان خان چانڊيو تہ دعويٰ ڪئي تہ شام پنجين وڳي جشن ملھائينداسين، پيپلز پارٽي اميدوار آغا شھباز خان دراني وڏي مارجن سان ڪامياب ٿيندو ۽ غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن مان اِھو ظاھر ٿيو تہ پ پ اميدوار وڏي مارجن سان ڪامياب ٿيو، جڏھن تہ جي يو آءِ اميدوار رشد اللہ امروٽي پ پ اڳواڻن جي اھڙن بيانن کي ڌانڌلي ۽ اليڪشن عمل ۾ مداخلت قرار ڏنو.