دبئي : انڊر 19 ايشيا ڪپ ۾ ڀارت، پاڪستان کي 90 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي

فہرستِ مضامین

انڊر 19 ايشيا ڪپ ۾ ڀارت پاڪستان کي 90 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي آھي.

دبئي ۾ ٿيل انڊر 19 ايشيا ڪپ ٽورنامينٽ ۾ پاڪستان ڀارت خلاف ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو، برسات سبب ٽاس دير جو شڪار ٿي ۽ ميچ 49 اوورز تائين محدود ڪئي وئي.

ڀارتي ٽيم دعوت ملڻ تي اڳ ۾ بيٽنگ ڪندي 46.1 اوورن ۾ 240 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي، آرون جارج 85 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي، ڪنيسڪ چوھان 46 ۽ آيوش مهاتري 38 رنسون ٺاهيون.

پاڪستان طرفان محمد سيام ۽ عبدالسبحان 3-3 وڪيٽون ورتيون.

جواب ۾ پاڪستان ٽيم 150 رنسن تي ڍير ٿي وئي، حذيفہ احسن 70 رنسن جي مزاحمتي اننگز کيڏي پر ان جو ڪنهن ساٿ نہ ڏنو.

ڀارت طرفان ديپيش ديوندران 3، ڪنيسڪ چوھان ۽ ڪشان سنگهہ 2-2 وڪيٽون ورتيون.

واضح رھي تہ پاڪستان پهرين ميچ ۾ ملائيشيا ، ڀارت يو اي اي کي شڪست ڏني هئي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں