ڪراچي : ناظم آباد ۾ سياسي جماعت جي سربراھ جي گھر تي ڇاپو، 17 ڄڻا گرفتار

فہرستِ مضامین

ڪراچي :  ايس آءِ يو پوليس ناظم آباد ۾ سياسي جماعت جي سربراھ جي گھر تي ڇاپو ھڻي ڀتاخوري ۾ ملوث 17 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آھي.

اسپيشل انويسٽيگيشن يونٽ پاڪستان سني تحريڪ جي سربراهہ ثروت اعجاز قادري جي گهر تي ڇاپو هڻي ڀتا خوري جي سنگين وارداتن ۾ ملوث 17 جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آھي، گرفتار جوابدارن ۾ 8 ڄڻن جو ڪرمنل رڪارڊ مليو آھي، جوابدارن ۾ جواد عرف واجہ قادري، ملا شاھزيب شامل آھن، جوابدار ريحان الدين، جواد عرف واجہ قادري، ملا شاھزيب انتھائي گھربل جوابدار وصي اللھ لاکو ۽ عبدالصمد ڪاٺيواڙي جو نيٽورڪ ھلائي رھيا ھئا.

پوليس موجب گرفتار جوابدار شعيب ۽ طاھر عامر شوٽر آھن، زخمي حالت ۾ گرفتار ريحان الدين 4 سالن تائين ڀتي جي ڪيس ۾ جيل ۾ رھيو ۽ آزاد اميدوار جي حيثيت ۾ عام  چونڊن ۾ حصو بہ وٺي چڪو آھي.

ايس ايس پي اسپيشل انويسٽيگيشن يونٽ ڊاڪٽر عمران خان پنھنجي آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو تہ 2 ڏينھن اڳ پوليس مقابلي ۾ زخمي حالت ۾ گرفتار ڀتا خور ريحان الدين جي نشاندھي تي رضويہ ٿاڻي جي حد ۾ سياسي جماعت جي سربراھ جي گھر قادري ھائوس تي ڇاپو ھڻي 17 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو.

ايس ايس پي موجب ڇاپي دوران 9 ھٿيار جن ۾ 3 رائفل، ايس ايم جيز ۽ پسٽل ھٿ ڪيا ويا آھن، ھن ٻڌايو تہ شروعاتي جاچ ۾ گرفتار 8 ڄڻن جو ڪرمنل رڪارڊ مليو آھي جن ۾ ڀتاخوري ۾ ملوث 2 مک جوابدار جواد عرف واجہ قادري، ملا شاھزيب شامل آھن، ان کانسواءِ ڀتاخوري دوران فائرنگ ڪرڻ ۾ 3 جوابدارن شعيب، طاھر، عامر ۽ ٻيا 3 سھولڪار شامل آھن.

ايس ايس پي موجب ڀتاخوري، غيرقانوني ھٿيارن جي ڏوھ ۾ 9جوابدارن خلاف 10 ڪيس داخل ڪيا ويا آھن، جڏھن تہ ٻين ماڻھن  جي ڏوھي رڪارڊ جي جاچ پڙتال ڪئي پئي وڃي.

ايس ايس پي ٻڌايو تہ شھر ۾ ڀتي جو وڏو نيٽورڪ ھلائڻ ۾ انتھائي گھربل جوابدار وصي اللھ لاکو ۽ عبدالصمد ڪاٺيواڙي ملوث آھن، جيڪي ملڪ کان ٻاھر لڪيل آھن.

ھن گروپ جو ڪراچي ۾ نيٽورڪ ھلائڻ ۾ 3 جوابدار جواد عرف وجہ قادري، ريحان الدين ۽ ملا شاھزيب جو مک ڪردار آھن، گرفتار ٽنھي جوابدارن پوليس کي ڀتاخوري جي ڪيترن ئي ڪيسن ۾ ملوث آھن.

پوليس موجب جوابدار ريحان الدين ھڪ مھينو اڳ جمشيد ڪوارٽر ٿاڻي جي حد ۾ ڪار شوروم تي فائرنگ ۽ ڀتي جي ڪيس ۾ ملوث آھي، گرفتار جوابدار جاچ ۾ گروھ جي ٻين سربراھن، ڪارندن ۽ ان جي ڀتاخوري جي واقعن ۾ ملوث ھئڻ جو انڪشاف ڪيو آھي.

هن ٻڌايو تہ هن نيٽورڪ بابت ڄاڻ اڳ ئي موجود هئي، ايس آءِ يو پوليس انٽيليجنس معلومات ۽ شاهدين جي بنياد تي ڪارروائي ڪئي، جوابدار اهڙي هنڌ تان گرفتار ٿيا آهن، جنهن سبب معاملو حساس ٿي ويو آهي۔ايس ايس پي موجب شروعاتي طور تي سني تحريڪ جي اڳواڻن جو ڪو ڪردار نہ هو، جيڪي ماڻهو جاچ دوران سامهون آيا، انهن کي گرفتار ڪيو ويو، سياسي جماعت جا اڳواڻ جوابدارن کي پناھ ڏيڻ ملوث ثابت نڪتا تہ انھن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

زخمي حالت ۾ گرفتار جوابدار ريحان الدين 4 سال اڳ ڀتي جي ڪيس ۾ جيل ۾ رھيو ۽ جوابدار ريحان الدين آزاد اميدوار جي حيثيت ۾ عام چونڊن ۾ حصو بہ وٺي چڪو آھي.

ايس ايس پي ٻڌايو تہ شھر ۾ 5 کان 6 گروھن مان ھي گروھ سڀ کان وڌيڪ متحرڪ ھو ۽ ھن گروھ جي گرفتاري بعد ڀتاخوري ۾ گھٽتائي ايندي.

ايس ايس پي ٻڌايو تہ ھلندڙ سال تائين ڀتاخوري جا 169 واقعا رپورٽ ٿيا جن ۾ 65 واقعا ڀتاخوري جا ھئا جڏھن تہ ٻيا واقعا ذاتي معاملن جا ھئا………

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں