آءِ ايم ايف پاران بي آءِ ايس پي جي بجيٽ وڌائڻ تي اطمينان جو اظھار، وڌيڪ اضافي جو مطالبو

فہرستِ مضامین

عالمي مالياتي اداري، آءِ ايم ايف  بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي بجيٽ وڌائڻ تي اطمينان جو اظھار ڪيو آھي.

عالمي مالياتي اداري بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي بجيٽ وڌائڻ تي اعتماد جو اظھار ڪيو، جڏھن تہ ان سان گڏ ئي پروگرام جي امداد ۾ واڌارو ڪرڻ جو بہ مطالبو ڪيو آھي.

آءِ ايم ايف اختيارن موجب پروگرام جي بجيٽ کي وڌيڪ مضبوط ڪيو ويو آهي، عالمي معيار جي ڀيٽ ۾ بينظير ڪفالت پروگرام جي رقم گهٽ آهي، تنهن هوندي بہ صارفين جي خريداري قوت برقرار رکڻ لاءِ مراعتن ۾ مناسب واڌ ڪئي پئي وڃي۔

آءِ ايم ايف ڪفالت امداد کي گهٽ آمدني وارن طبقن جي خرچ جي 15 سيڪڙو تائين وٺي وڃڻ جي تجويز ڏني آهي ۽ ڪفالت پروگرام جي رقم کي مهانگائي موجب ترتيب ڏيڻ جي پڻ سفارش ڪئي آهي۔

آءِ ايم ايف موجب بي آءِ ايس پي جي بجيٽ ۾ امدادي پروگرامن تي خرچن ۾ 20 سيڪڙو واڌ شامل آهي.

عالمي مالياتي اداري چيو آهي تہ امداد جي رقم 13 هزار 500 روپين مان وڌائي 14 هزار 500 رپيا ڪئي وڃي ۽ ڪفالت پروگرام ۾ گهٽ ۾ گهٽ 2 لک خاندانن جو اضافو ڪيو وڃي۔

آءِ ايم ايف موجب مالي سال 2026 جي پڄاڻي تائين فائدو حاصل ڪندڙ خاندانن جو انگ 10.2 ملين تائين پھچي ويندو، 2026 ۾ نئين گھريلو سروي بعد ڪفالت پروگرام جي امداد وڌائڻ گھرجي.

ان کانسواءِ آءِ ايم ايف ڪنڊيشنل ڪيش ٽرانسفر پروگرام جي ڪوريج ۾ واڌ جي سفارش ڪندي چيو آهي تہ بي آءِ ايس پي جي ڪنڊيشنل ڪيش ٽرانسفر جي بجيٽ جو مڪمل استعمال انتهائي اهم آهي……

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں