ڪراچي: سنڌ پوليس جي اسپيشل انويسٽيگيشن يونٽ پاڪستان سني تحريڪ جي سربراهہ ثروت اعجاز قادري جي گهر تي ڇاپو هڻي ڀتا خوري جي سنگين وارداتن ۾ ملوث ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آھي.
ايس ايس پي ايس آءِ يو ڊاڪٽر عمران ٻڌايو تہ ناظم آباد نمبر هڪ ۾ واقع قادري هائوس تي پوليس ۽ ايس آءِ يو ڳجهي اطلاع تي ڇاپو هڻي ڀتاخوري ۾ ملوث ٻہ جوابدار گرفتار ڪيا آهن۔هن ٻڌايو تہ جوابدارن جي سڃاڻپ جواد ۽ ملا شاهزيب جي نالن سان ٿي آهي، جن جو واسطو ڀتاخور صمد ڪاٺياواڙي گروپ سان آهي، ايس ايس پي موجب ڇاپي دوران وڏي مقدار ۾ هٿيار ھٿ ڪيا ويا آھن.
ايس ايس پي ايس آءِ يو موجب گرفتار جوابدار ڀتاخوري جي ڪيترين ئي وارداتن ۾ ملوث آهن، پوليس ڇاپي دوران سني تحريڪ جي سربراهہ اعجاز قادري کي گرفتار ناهي ڪيو، جڏھن تہ حراست ۾ ورتل ماڻهن کان جاچ جاري آهي۔
پڌرائي موجب ايس آءِ يو ۽ سي آءِ اي جي اهم ڪارروائي ۾ جميشد ڪوارٽر ۾ ڀتاخوري ۽ فائرنگ ۾ ملوث گرفتار جوابدار ريحان جي نشاندھي تي ڪئي وئي، گرفتار جوابدار جي نشاندھي تي قادري ھائوس تي ڇاپي ۾ جواد قادري عرف خواجہ ۽ شاھزيب ملا سميت ٻين جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو.
ايس ايس پي ايس آءِ يو عمران خان موجب جوابدارن کان وڏي مقدار ۾ هٿيار ھٿ ڪيا ويا آهن، جوابدارن جو اڳوڻو ڪرمنل رڪارڊ پڻ موجود آهي، هن معاملي بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي۔
ايس ايس پي عمران خان ٻڌايو تہ گرفتار جوابدار ڀتاخور گروھ جي مک جوابدار صمد ڪاٺياواڙي ۽ وصي الله لاکو جونيٽورڪ ھلائڻ ۽ ڪيترن ئي ڪيسن ۾ گھربل ھئا….