پاڪستان جي سلطان گولڊن تيز ترين ريورس ڪار ڊرائيورنگ جو عالمي رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو

فہرستِ مضامین

ڪوئيٽا : پاڪستان جي ناليواري اسٽنٽ مين سلطان گولڊن تيز ترين ريورس ڪار ھلائڻ جو عالمي رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو آھي.

ضلعي پشين سان تعلق رکندڙ پاڪستان جو ناليوارو اسٽنٽ مين سلطان محمد گولڊن جي مھارت ڏسڻ لاءِ ڪوئيٽا ۾ تقريب ڪوٺائي وئي، ڏسندڙن جو وڏو انگ سلطان گولڊن جا اسٽنٽ ڏسڻ لاءِ موجود ھو، سلطان گولڊن تيز ترين ريورس ڊرائيور جو 2022 جو رڪارڊ ٽوڙيو.

سلطان گولڊن تيز ترين ريورس ڊرائيور ۾ ھڪ ميل جو فاصلو 57 سيڪنڊ ۾ طئي ڪيو، جڏھن تہ سلطان گولڊن مختلف رڪارڊ پنھنجي نالي ڪرڻ لاءِ پرعزم آھي.

تيز ترين ريورس ڊرائيورنگ جو رڪارڊ آمريڪي اسٽنٽ مين 2022 ۾ قائم ڪيو ھو، آمريڪي اسٽنٽ مين 2022 ۾ تيز ترين ريورس ڪار ڊرائيورنگ ۾ ھڪ ميل جو فاصلو 1 منٽ 15 سيڪنڊ ۾ طئي ڪيو ھو.

سلطان گولڊن پري کان ريورس ريمپ جمپ ۾ 121.72 فوٽ جو جمپ ڪيو، جڏھن تہ پري کان ريورس ريمپ جمپ جو اڳوڻو عالمي رڪارڊ 89 فوٽ 3.25 انچ ڊگهو هو۔

بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي 2 نوان عالمي رڪارڊ قائم ڪرڻ تي سلطان گولڊن لاءِ 5 ڪروڙ رپيا انعام جو اعلان ڪيو.

وزيراعظم جو ريورس ڪار ڊرائيورنگ جو عالمي رڪارڊ ٽوڙن تي سلطان گولڊن جي خراج تحسين پيش

وزیراعظم سلطان گولڊن پاران ريورس ڪار ڊرائيونگ ۾ نئون عالمي رڪارڊ قائم ڪرڻ تي سموري قوم کي مبارڪباد ڏني ۽ چيو تہ سلطان گولڊن دنيا ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڪيو آهي۔

ھن چيو تہ سموري قوم کي سلطان گولڊن تي فخر آهي، حڪومت راندين جي هر شعبي ۾ مڪمل سهولتن جي فراهمي لاءِ پُرعزم آهي۔

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں