ميسي جي آمد تي ڪولڪتا اسٽيڊيم ۾ شديد بدنظمي، ڀڃ ڊاھ، واقعي جي جاچ لاءِ ڪميٽي قائم

فہرستِ مضامین

ڀارتي شھر ڪولڪتا جي سالٽ ليڪ اسٽيڊيم ۾ عالمي شھرت يافتہ فٽبالر ليونل ميسيي جي آمد تي ناقص انتظامن سبب شديد بدنظمي ۽ ڀڃ ڊاھ ٿي، جنھن ڪري فٽبالر پنھنجي مداحن سان ملڻ کانسواءِ واپس ھليو ويو, حڪومت پاران جڏھن تہ واقعي جي جاچ لاءِ ڪميٽي قائم ڪئي وئي آھي.

پرڏيھي ميڊيا موجب عالمي شھرت يافتہ اسٽار فٽبالر ليونل ميسي اڄ ڀارت جي ٽن ڏينھن جي دوري تي ڪولڪتا پھتو، جتي ھن ڪولڪتا جي ليڪ ٽائون ۾ واقع شري ڀومي اسپورٽنگ ڪلب ۾ پنھنجي 21 ميٽر بلند مجسمي جي نقاب ڪشائي ڪئي.

ان کانپوءِ ليونل ميسي ڪولڪتا جي اسٽيڊيم پهتو، پر اتي شديد بدنظمي ۽ ڀڃ ڊاھ سبب هو ڪجهہ منٽن ۾ ئي اسٽيڊيم ۾ موجود رھيو، جنهنڪري مداحن ۾ مايوسي پکڙجي وئي.

ڀارتي ميڊيا موجب، اسٽيڊيم ۾ موجود هڪ تماشائي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تہ هي ايونٽ انتهائي خراب نموني سان منعقد ڪيو ويو، سندس چوڻ هو تہ ميسي جي چوڌاري سياسي اڳواڻن ۽ وزيرن جو هجوم هو، جنهن سبب عام شائقين ميسي کي ڏسي بہ نہ سگهيا۔

مداح جو چوڻ هو تہ ميسي پنهنجي آمد تي نمائشي فٽبال بہ نہ کيڏي، جڏھن تہ منتظمين طرفان شاهہ رخ خان جي آمد جا دعوٰي بہ پوري نہ ٿي سگهيا۔

ڏسندڙن وقت، پئسو ۽ جذبات ضايع ٿيڻ تي شديد ناراضگي جو اظھار ڪيو.

واقعي جي جاچ لاءِ ڪميٽي قائم

واقعي کانپوءِ رياستي اختيارين پاران ليونل ميسي ۽ سندس مداحن کان باقاعدہ معذرت ڪئي ۽ اعلان ڪيو ويو تہ واقعي جي جاچ لاءِ هڪ انڪوائري ڪميٽي قائم ڪئي پئي وڃي۔

هي ڪميٽي رٽائرڊ جسٽس اشيم ڪمار راءِ جي سربراهي هيٺ ڪم ڪندي، جنهن ۾ چيف سيڪريٽري ۽ ايڊشنل چيف سيڪريٽري بہ شامل هوندا۔

ڪميٽي واقعي جي مڪمل جاچ  ڪري ذميوارن جو تعين ڪندي ۽ مستقبل ۾ اهڙن واقعن کان بچاءَ لاءِ سفارشون پيش ڪندي۔

بعد ۾ جنھن ھوٽل ۾ ميسي ترسيل ھو اتي ان ٻاھران جمع ٿيل ھجوم کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ پوليس طاقت جو استعمال ڪيو، عالمي شھرت يافتہ فٽبالر ليونل ميسي کي ڏسڻ لاءِ وڏي تعداد ۾ شائقين ھوٽل ٻاھران جمع ٿي ويا، جنھن بعد پوليس سيڪيورٽي صورتحال کي نظر۾ رکندي لٺبازي ڪري ماڻھن کي ڇڙ وڇڙ ڪيو……

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں