پارلياماني معاملن بابت وفاقي وزير طارق فضل چوڌري چيو آهي تہ پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان ۽ اڳوڻي ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد جو ڳٺ جوڙ هو، فيض حميد جي سزا ڪنهن بہ حڪومت جي فتح ناهي۔
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي طارق فضل چوڌري چيو تہ فوج جي تاريخ ۾ اڳ ڪڏھن بہ اھڙو مثال نہ مليو آھي، فيض حميد کي سندس مرضي جي ليگل ٽيم فراهم ڪئي وئي ۽ ميرٽ تي فيصلو قانون جي فتح ۽ آئين جي سربلندي آهي، هي فيصلو ثابت ڪري ٿو تہ ڪو بہ قانون کان مٿي نہ آهي۔
هن چيو تہ چار الزام ثابت ٿيڻ تي فيض حميد کي 14 سخت پورھئي واري سزا ٻڌائي وئي، جڏھن توھان رياستي عهدي کي سياسي انجنيئرنگ لاءِ استعمال ڪندو تہ ان جا نتيجا نڪرندا، هو سمجھندو ھو تہ جيڪو ڪجهہ ڪري رھيو آھيان ان جو حساب نہ ڏيڻو پوندو، نواز شريف کي غير آئيني طريقي سان عهدي تان هٽايو ويو۔
هن چيو تہ باني پي ٽي آءِ ۽ فيض حميد جو ڳٺ جوڙ هو، فيض حميد جي سزا ڪنهن بہ حڪومت جي فتح ناهي، فيلڊ مارشل ثابت ڪيو تہ فوج ۾ بہ ڪو بہ آفيسر قانون جي ڀڃڪڙي ڪندو تہ قانون حرڪت ۾ ايندو.
وفاقي وزير وڌيڪ چيو تہ فيلڊ مارشل عاصم منير جي قيادت ۾ پاڪستان تازي جنگ ۾ تاريخي فتح حاصل ڪئي، ھن وقت دنيا ۾ پاڪستان کي اهڙي منفرد سڃاڻپ ملي رھي آهي جيڪا اڳ نہ ملي هئي، اسان افغانستان سان سٺا لاڳاپا چاهيون ٿا، دنيا ۾ اهڙو ڪو بہ ملڪ ناهي جنهن 40 لک مهاجرين جي ميزباني ڪئي هجي، اسان دھشتگردي جو ذميوار افغان عوام کي نہ پر افغان رجيم کي سمجھون ٿا.
هن چيو تہ باني پي ٽي آءِ سان ان جي ڪيترائي ڀيرا ملاقات ڪرائي وئي، باني پي ٽي آءِ جيل کي ايئن استعمال ڪري رھيو آھي ڄڻ پارٽي سيڪريٽريٽ هجي، باني پي ٽي آءِ رياست ۽ ادارن جي خلاف ناڪاري پروپيگنڊا ڪري رھيو آھي، پي ٽي آءِ ھوش مان ڪم وٺي، ھاڻي ناڪاري سياست جي ڪا بہ گنجائش ناھي، پي ٽي آءِ جو ناڪاري بيانيو ايڪسپوز ڪرڻ اسان جي ذميواري آھي.
طارق فضل چوڌري جو چوڻ ھو تہ خيبرپختونخوا جي وڏي وزير اعليٰ جو رويو عدم سھڪار جو آھي، آپريشن جو شوق ڪنھن کي آھي، ان اپريشن ۾ فوج جو جاني نقصان ٿيندو آھي، فوج جي جوانن دھشتگردي خلاف جانين جون قربانيون ڏنيون آھن….