لائیو آبنائي هرمز واري تڪرار کان پوءِ آمريڪا جو ايران تي فضائي حملو

فہرستِ مضامین

آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ تصديق ڪندي ٻڌايو آهي ته آمريڪي فوج ايران خلاف فضائي حملا ڪيا آهن.

آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ (سينٽڪام) اعلان ڪيو آهي ته ايران طرفان آبنائي هرمز ۾ هڪ واپاري جهاز تي حملي جي جواب ۾ آمريڪي فوج ڪارروائي ڪندي ايران تي فضائي حملو ڪيو آهي.

سينٽڪام موجب 25 جون تي ايران هڪ واپاري جهاز تي ڊرون حملو ڪيو، جنهن کان پوءِ آمريڪي جنگي جهازن ايران جي ميزائلن ۽ ڊرون اسٽوريج وارن هنڌن سميت ساحلي ريڊار سائيٽن کي نشانو بڻايو.

سينٽڪام واضح ڪيو ته آمريڪي فوج آبنائي هرمز مان گذرندڙ واپاري جهازن لاءِ محفوظ گذرگاهه فراهم ڪرڻ ۽ رابطي جي هم آهنگي جاري رکندي، جڏهن ته ايران سان ٿيل معاهدي تي مڪمل عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ لاءِ آمريڪي فوج موجود ۽ چوڪس رهندي.

ان کان اڳ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ممڪن ردعمل بابت صحافين جي سوال جي جواب ۾ چيو هو ته: “توهان کي پاڻ ئي خبر پئجي ويندي.”

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں