تهران: ايراني پاسداران انقلاب ايراني سامونڊي ڪنارن تي آمريڪي حملن جي جواب ۾ علائقي ۾ موجود آمريڪي فوجي ٺڪاڻن کي نشانو بڻائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي۔
پاسدارانِ انقلاب هدف بڻايل هنڌن، حملي جي نوعيت يا ممڪنہ نقصانن بابت ڪي به تفصيل جاري نہ ڪيا.
ان کان اڳ آمريڪا دعويٰ ڪئي هئي ته آبنائي هرمز ۾ ايران طرفان هڪ واپاري جهاز کي نشانو بڻائڻ کان پوءِ ايران جي ميزائلن ۽ ڊرون اسٽوريج وارن هنڌن سان گڏ ساحلي ريڊار تنصيبات کي نشانو بڻايو ويو آهي۔
ان کان پوءِ ايران جي پاسدارانِ انقلاب چيو هو ته آمريڪي حملن جو جواب ضرور ڏنو ويندو ۽ هن جارحيت کي بنا ردعمل جي نه ڇڏيو ويندو۔
ايراني خابرو اداري موجب پاسدارانِ انقلاب پنهنجي بيان ۾ دعويٰ ڪئي آهي ته سندس بحري ۽ فضائي فوجن سيريڪ ٻيٽ تي ڪيل آمريڪي حملي کي ناڪام بڻائي ڇڏيو ۽ ان جي اثرن کي غير مؤثر ڪري ڇڏيو۔
بيان ۾ چيو ويو ته اسان واضح ڪريون ٿا ته هن جارحيت جو جواب ضرور ڏنو ويندو ۽ اسان جو ردعمل اسان جي چونڊيل وقت ۽ هنڌ تي تيز ۽ فيصلائتو هوندو۔
آءِ آر جي سي خبردار ڪيو ته جيڪڏهن آمريڪا ڪا نئين بيوقوفاڻي حرڪت ڪئي ته ان کي سخت جواب ڏنو ويندو۔