ايشيائي ترقياتي بينڪ (اي ڊي بي) پاڪستان ۾ سرڪاري ادارن ۽ سنڌ صوبي جي سامونڊي ضلعي ۾ قدرتي آفتن کي منھن ڏيڻ جي صلاحيت وڌائڻ لاءِ مجموعي طور تي 540 ملين ڊالرز جي ٻن منصبن جي منظوري ڏئي ڇڏي آھي.
ان مان 400 ملين ڊالر جو نتيجن تي بنياد تي ڏنل قرض ايس او اي ٽرانسفارميشن پروگرام لاءِ رکيو ويو آھي، جڏھن تہ 140 ملين ڊالر جو رعايتي قرض سنڌ ڪوسٽل ريزيلينس سيڪٽر پروجيڪٽ لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي۔
هن حوالي سان اي ڊي بي پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب، ايس او ايز جي سڌارتي پروگرام سان پاڪستان جي سرڪاري ادارن ۾ ڪارپوريٽ گورننس ۽ ڪارڪردگي بابت ڊگها ۽ پراڻا مسئلا حل ڪرڻ ڏانهن هڪ اهم قدم کنيو ويو آهي۔
اي ڊي بي جي پاڪستان لاءِ ڪنٽري ڊائريڪٽر ايما فان موجب، هي پروگرام پاڪستان جي واپاري سرڪاري ادارن جي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ ۽ ملڪ جي معاشي استحڪام ۾ مدد ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو.
هن ٻڌايو تہ نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جهڙي اداري جي ٻيهر تنظيم سازي ۽ ان کي واپاري بنيادن تي هلائڻ کي ترجيح ڏني ويندي، هي پروگرام سرڪاري شعبي ۾ انتظامي سُڌارن لاءِ اي ڊي بي جو پهريون مڪمل طور نتيجن سان ڳنڍيل قرض آهي۔
بينڪ گذريل ڪيترن سالن کان پاڪستان ۾ ايس او اي جي سُڌارن جي مدد ڪري رھيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ 2023ع ۾ ايس او اي ايڪٽ ۽ پاليسي لاڳو، مرڪزي مانيٽرنگ يونٽ جو قيام ۽ عوامي خدمت جي معاهدن جهڙا اهم قدم ممڪن ٿيا. نتيجن جي بنياد تي هي حڪمت عملي گورننس، اداري جي صلاحيت، ڊجيٽلائيزيشن، رستن جي حفاظت ۽ مالي استحڪام ۾ وڌيڪ سُڌارو آڻڻ ۾ مدد ڪندي۔