قمبر ۾ مغيري  ۽ سولنگي برادري جي ڌرين ۾ ھلندڙ خوني تڪرار جو جرڳو، 6 ڪروڙ 16 لک رپيا ڏنڊ مقرر

فہرستِ مضامین

قمبر ۾ مغيري  ۽ سولنگي برادري جي ڌرين ۾ ھلندڙ خوني تڪرار جو نبيرو ڪري ڌرين تي مجموعي طور 6 ڪروڙ 16 لک ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو آھي.

قمبر ۾ پ پ ايم پي اي سردار چانڊيو ۽ معظم عباسي جي سرپئنچي ۾ جرڳو ٿيو.

جرڳي دوران  عزيز اللہ مغيري ڌر تي سولنگي ڌر جا 4 خون، زخمين ۽ ناجائزين جا 3 ڪروڙ 83 لک رپيا ڏنڊ لاڳوڪيو ويو.

جرڳي دوران عبدالجبار سولنگي ڌر تي مغيري برادري جا 2 خون ۽ 2 زخمي ثابت ٿيڻ تي  ڏيڍ ڪروڙ رپيا ڏنڊ لاڳ ڪيو ويو.

مغيري ڌر تي ٽوٽاڻي برادري جي ھڪ خون ۽ ھڪ زخمي جو 85 لک رپيا ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو..

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں