ڪنڌڪوٽ : بخشاپور لڳ گبلو پوليس ٿاڻي جي حد ڳوٺ جڙيو ريحانزي ۾ جوابدار فائرنگ ڪري ٻن عورتن ۽ ھڪ ٻار سميت 4 ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو.
واقعي بعد پوليس پھچي قتل ٿيلن جا لاش ۽ زخمي کي کڻائي اسپتال پھچايو.
قتل ٿيلن ۾ مھمان ٿي آيل رحيم بخش بنگوار، 7 ورھين جو نينگر ۽ ٻہ عورتون شامل آھن.
واقعي ۾ ھڪ ڄڻو حيوٿ عرف ڏاڏو بنگوار سخت زخمي ٿي پيو آهي، واقعي بعد جوابدار فرار ٿي ويو.
پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي لاش تحويل ۾ وٺي ڪاروائي شروع ڪري ڏني آهي…