عالمي مالياتي اداري آءِ ايم ايف گذريل ٻن سالن جي معاشي ڪارڪردگي سميت هلندڙ مالي سال جون معاشي پروجيڪشنز بہ جاري ڪري ڇڏيون آهن۔
آءِ ايم ايف چيو آھي تہ پاڪستان ۾ مھانگائي جي شرح 4.5 سيڪڙو کان 6.3 سيڪڙو تائين پھچي سگھي ٿي، جون 2026 ۾ مھانگائي وڌڻ جي شرح 8.9 سيڪڙو تائين پھچي سگھي ٿي، جڏھن تہ مھانگائي جي شرح جون 2025 ۾ 3.2 سيڪڙو ھئي.
آءِ ايم ايف موجب ھلندڙ سال معاشي ترقي جي شرح 3.2 سيڪڙو تائين پھچڻ جو امڪان آھي، پاڪستان ۾ بيروزگاري جي شرح 8 سيڪڙو کان گھٽ ٿي 7.5 سيڪڙو تائين پھچي سگھي ٿي، مالي سال 2026 ۾ معيشت ۾ ٽيڪسن جو حصو 16.3 سيڪڙو تائين پھچڻ جو اميد آھي.
آءِ ايم ايف جو چوڻ آھي تہ مالي سال 2025 ۾ معيشت ۾ ٽيڪسن جو حصو 15.9 سيڪڙو ھو، مالي سال 2026 ۾ مالياتي خسارو 4 سيڪڙو تائين پھچڻ جو امڪان آحي، جيڪو مالي سال 2025 ۾ 5.4 سيڪڙو ھو، جڏھن تہ 2026 ۾ معيشت ۾ قرضن جو بار 69.6 سيڪڙو تائين ٿي سگھي ٿو.
آءِ ايم ايف موجب مالي سال 2025 ۾ معيشت تي قرضن جو بار 70.6 سيڪڙو ھو، 2026 ۾ غيرملڪي قرض 22.5 سيڪڙو تائين ٿي سگھي ٿو، جڏھن تہ مالي سال 2025 ۾ غيرملڪي قرض 22.5 سيڪڙو ھئا.
آءِ ايم ايف موجب 2026 ۾ سيڙپڪاري معيشت 0.5 سيڪڙو ٿي سگھي ٿي جيڪا 2025 ۾ معيشت جو 0.6 سيڪڙو ھئي.
ان کانسواءِ مالي سال 2026 ۾ ناڻي جي مٽا سٽا وارا ذخيرا 17.8 ارب ڊالر ٿي سگھن ٿا، جڏھن تہ 2025 ۾ اھي 14.5 ارب ڊالر ھئا…..