ملاقات جي اجازت نہ ملڻ تي عمران خان جي ڀينرن اڊيالا جيل ڀرسان ڌرڻو هڻي ڇڏيو

فہرستِ مضامین

راولپنڊي : پي ٽي آءِ باني عمران خان جي ڀينرن ۽ تحريڪ انصاف چيئرمين بيرسٽر گوھر کي ملاقات جي اجازت نہ ملي، جنهن تي هنن جيل ڀرسان فيڪٽري ناڪي تي ڌرڻو هڻي ڇڏيو آھي.

اڊيالا جيل ۾ ملاقات جو وقت ختم ٿي ويو، بيرسٽر گوھر ۽ پي ٽي آءِ باني جي ڀينرن کي ملاقات جي اجازت نہ ملي سگهي.

پي ٽي آءِ باني جي ڀينرن کي پوليس فيڪٽري ناڪي تي روڪيو ويو، عليمہ خان ڪارڪنن کي پرامن رھڻ جي هدايت ڪئي ۽ کين ناڪي کان پوئتي هٽائيندي رھي.

عليما خان چيو تہ پوليس سان اسان جو ڪو جهيڙو ناهي، پوليس وارا اسان جا ڀائر آهن، ڪارڪنن کي ان ڪري پوئتي ڪري رھي آهيان، ڇو تہ عورتون گڏ آهن، پوليس وارا پاڻ پريشان آهن.

هن چيو تہ ملاقات جي اجازت عرصي کان نہ پئي ڏني وڃي، گذريل ملاقات تي ڪا سياسي گفتگو نہ ٿي، پي ٽي آءِ باني کي ڪنهن جي حڪمن تي قيد ۾ رکيو ويو آهي؟ اسان ملاقات لاءِ آياسين، گذريل هڪ مهيني کان ان ئي مقصد لاءِ اچي رھيا آهيون.

عمران خان جي ڀينرن اڊيالا جيل ڀرسان فيڪٽري ناڪي تي ڌرڻو هڻي ڇڏيو، جنهن ۾ قومي اسيمبلي ميمبر جنيد اڪر، شاهد خٽڪ، خيبر پختونخواهه ڪابينا جا ميميبر مينا خان، شفيع جان ۽ ٻيا اڳواڻ موجود آهن.

اڊيالا جيل ويندڙ رستو بند آهي ۽ پوليس جي وڏي نفري فيڪٽري ناڪي تي موجود آهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں