نوابشاهہ ۾ ڊيوٽي تي ويندڙ ليڊي پوليس اهلڪار رخسانا مشوري هٿياربندن جي فائرنگ ۾ سخت زخمي ٿي پئي.
رخسانا مشوري رڪشي تي ڊيوٽي لاءِ وڃي رھي هئي تہ هٿياربندن مٿس فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ هوءَ سخت زخمي ٿي پئي، جوابدار فرار ٿي ويا.
عورت اهلڪار کي زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو
ايس ايس پي نوابشاه شبير احمد سيٺار واقعي جو نوٽيس ورتو ۽ جوابدارن جي جلد گرفتاري جا حڪم ڏنا، جنهن کانپوءِ پوليس جوابدارن جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي آهي.