ڪراچي: سنڌ سميت سموري ملڪ ۾ ڪرپشن خلاف جاڳرتا جو ڏينھن ملھايو پيو وڃي، ڪراچي سميت مختلف شھرن ۾ ڪرپشن خلاف جاڳرتا ريليون ڪڍيون ويون.
ڪرپشن جي خاتمي جي عالمي ڏھاڙي جي حوالي سان اينٽي ڪرپشن سنڌ پاران ڪرپشن جي خاتمي لاءِ ڪبوتر چوڪ کان سنڌ سيڪريٽريٽ تائين ريلي ڪڍي وئي، جنھن اينٽي ڪرپشن کاتي جي آفيسرن ۽ ملازمن شرڪت ڪئي.
ڪوٽڙي ۾ ڊي سي ڄامشورو غضنفر قادري ۽ ايس ايس پي ڄامشورو جي اڳواڻي ۾ ڪرپشن جي خاتمي لاءِ ڊي سي آفيسر کان ريلي ڪڍي وئي، جنھن ۾ مختلف کاتن جي آفيسرن، اينٽي ڪرپشن پوليس آفيسرن ۽ شھرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
ڪنڌڪوٽ ۾ ڪرپشن جي عالمي ڏينھن جي حوالي سان ڊي سي آفيس کان گھنٽا گھر چوڪ تائين ريلي ڪڍي وئي، ريلي جي اڳواڻي ڊي سي آغا ڪنڌڪوٽ ڪشمور، اينٽي ڪرپشن جي ڊپٽي ڊائريڪٽر نظير احمد ملڪ ۽ ٻين ڪئي، ريلي ۾ سرڪاري ملازمن سميت شھرين ۽ شاگردن شرڪت ڪئي.
ٽنڊي محمد خان ۾ ڪرپشن خاتمي جي ڏھاڙي جي ملڪ تي سرڪاري ملازمن، شھرين ۽ سول سوسائٽي پاران الفتاح چوڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي.
گھوٽڪي ۾ ڪرپشن خلاف عالمي ڏينهن جي موقعي تي ريلي ڪڍي وئي، ريلي جي اڳواڻي ڊپٽي ڊائريڪٽر سيف الله هاليپوٽو ۽ ايجوڪيشن آفيسر محمد بخش عارباڻي ڪئي.
سرڪاري ملازم، شاگردن ۽ شهري وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، شرڪت ڪندڙن پلي ڪارڊ کڻي ڪرپشن خلاف نعريبازي ڪئي، ايجوڪيشن آفيسر محمد بخش عارباڻي چيو ته عوام ۽ سرڪار کي گڏجي عملي قدم کڻي ڪرپشن جو خاتمو آڻڻو پوندو.
قمبر ۾ ڪرپشن خلاف عالمي ڏينهن جي موقعي تي گورنمينٽ هاءِ اسڪول کان ريلي ڪڍي وئي، ريلي جي اڳواڻي ڊپٽي ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن محمد سليم ميمڻ ۽ ڊي اي او سيڪنڊري الله بخش سومرو ڪئي.
ريلي شهر جي مختلف رستن تان ٿي ۽ شرڪت ڪندڙن پلي ڪارڊ کڻي نعريبازي ڪئي، شرڪت ڪندڙن چيو تہ رشوت ۽ ڪرپشن ناقابل معافي ڏوھ آھن ۽ عوام کي شعور پيدا ڪرڻو پوندو.
جيڪب آباد ۾ ڪرپشن جي خاتمي واري عالمي ڏينهن جي موقعي تي اينٽي ڪرپشن ڊپارٽمينٽ پاران ريلي ڪڍي وئي، ريلي جي اڳواڻي اسسٽنٽ ڪمشنر نويد احمد سام، سرڪلر آفيسر علي نواز پنھور، ڪامل لاشاري ۽ لياقت سرڪي ڪئي، شرڪت ڪندڙن بدعنواني خلاف شعور اجاگر ڪيو ۽ پلي ڪارڊ کڻي نعريبازي ڪئي.
اڳواڻن چيو تہ بدعنواني معاشري جي تباهي جو وڏو سبب آهي، هن چيو تہ اينٽي ڪرپشن جو مقصد صاف ۽ شفاف نظام قائم ڪرڻ آهي ۽ ڪنهن بہ ڪرپٽ عمل کي برداشت نہ ڪيو ويندو.
وڏي وزير مراد علي شاھ پنھنجي بيان ۾ چيو آھي تہ ڪرپشن وچڙندڙ بيماري آھي، جيڪا معاشري کي تباھ ڪري ڇڏيندي آھي، ڪرپشن خلاف عالمي ڪوششن کي تيز ڪرڻ جي ضرورت آھي…….