بائنانس جي سينئر قيادت پاران پاڪستان جو دورو، وزيراعظم ۽ چيف آف ڊيفنس فورسز سان ملاقات

فہرستِ مضامین

اسلام آباد: ڪرپٽو ڪرنسي جي سڀ کان بااعتماد ايڪسچينج جي حوالي سان مشھور عالمي شھرت يافتہ فرم بائنانس جي سينيئر قيادت پاڪستان جو دورو ڪيو، جنھن کي وڏي اڳڀرائي قرار ڏنو پيو وڃي

وزيراعظم ھائوس پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب بائنانس سينيئر ليڊرشپ پاڪستان جو دورو ڪيو ۽ اعليٰ قيادت سان ملاقات ڪئي

بائنانس جي وفد ۾ گلوبر سي اي او رچرڊ ٽينڪ بہ شامل ھو، جنھن اعليٰ قيادت سان ملاقات ڪئي ۽ انھي حوالي سان ھڪ اجلاس بہ منعقد ڪيو ويو جنھن ۾ وزيراعظم شھباز شريف، چيف آف ڊفينس فورسز ۽ چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ چيئرمين پاڪستان ورچوئل ايسٽ ريگيوليٽري اٿارٽي، بلال بن ثاقب پڻ شرڪت ڪئي ۽ اداري جي ڪارڪردگي بابت آگاھي ڏني، حڪومت پاران ڊيجيٽل اثاثن جي ضابطن لاءِ مضبوط عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو….

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں