ڄامشورو ڀرسان لاکڙا ڪول مائنز جي کاڻ ۾ گئس ڀرجڻ سبب 3 پورھيت فوت ٿي ويا ، لاکڙا ڪول مائنز جي بلوچستان ڪول ڪمپني ۾ انتظاميا جي لاپرواھي سبب زھريلي گئس ڀرجڻ سبب ڪي پي ڪي واسي 3 پورھيت فوت ٿي ويا.
فوت ٿي ويلن ۾ شوڪت پٺاڻ، ڪامران پٺاڻ ۽ سراج پٺاڻ شامل آھن، جن کي ساٿي پورھيتن فوري طور تي کاڻ مان ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو.
ياد رھي تہ لاکڙا ڪول مائنز جي ڪمپنين ۾ حادثا روز جو معمول بڻيل آهن، جنھن سبب اڄ وڌيڪ 3 پورھيت فوت ٿي ويا آهن.