ڪراچي: وڏي وزير مراد علي شاھ جي صدارت ھيٺ پبلڪ پرائيوٽ پارٽنرشپ پاليسي بورڊ جو 49 ھون اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ صوبائي وزيرن، چيف سيڪريٽري ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي.
ان موقعي تي ڳالھائيندي وڏي وزير چيو تہ ڪنڌڪوٽ گھوٽڪي پل جو ڪم ٻيھر شروع ٿي چڪو آھي، پُل جي ڊيگھ 3 مان وڌائي 12 ڏھائي 2 ڪلو ميٽر ڪئي وئي آھي.
ھن چيو تہ ڪنڌڪوٽ گھوٽڪي پل جي لاڳت ۾ اضافو ۽ ٽائم ۾ تبديلي ڪئي وئي آھي، پُل جي موجودہ لاڳت 32 ارب رپيا آھي، شيڊول موجب جون 2027 تائين مڪمل ٿي ويندي.
وڏي وزير ڪنڌڪوٽ گھوٽڪي پل کي اھم منصوبو قرار ڏيندي چيو تہ ڪچي جي علائقن ۾ اڏاوتي ڪم تيزي سان جاري آھي، منصوبا مڪمل ٿيڻ جي ويجھو آھن.