ڊي جي آءِ ايس پي آر پي ٽي آءِ باني عمران خان کي ذھني مريض قرار ڏئي ڇڏيو

فہرستِ مضامین

راولپنڊي : ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري پي ٽي آءِ باني عمران خان کي ذھني مريض قرار ڏئي ڇڏيو

پاڪ فوج جي ترجمان پريس ڪانفرنس ڪندي چيو تہ پاڪستان جي سياسي ليڊرشپ جو احترام ڪيون ٿا، پر فوج کي پنھنجي سياست کان پري رکو، ڪنھن کي اجازت نہ ڏينداسين تہ ھو پاڪستان جي فوجن ۽ عوام وچ ۾ ڏار وجھي، اوھان کي جي اجازت نہ ڏينداسين تہ عوام کي فوجن خلاف ڀڙڪايو، فوج ۽ عوام وچ ۾ خلل وجھڻ جي اجازت نہ ڏينداسين.

ھن چيو تہ ھن شخص جيڪڏھن ڪو ملندو آھي تہ رياست ۽ فوج خلاف بيانيو ڏيندو آھي، ھي شخص آئين، قانون ۽ رولز کي  پاسي تي رکي اھڙو بيانيو ٺاھيندو آھي.

ڊي جي آءِ ايس پي آر عمران خان کي ذھني مريض قرار ڏيندي چيو تہ اوھان آھيو ڪير؟ ڪنھن جي ٻولي ڳالھائي رھيا آھيو؟ پاڻي کي سمجھو ڇا ٿا؟ ذھني مرض جي بيماري جون علامتون اوھان پھريان بہ ڏٺيون ھونديون، ھن پھريان 9 مئي تي جي ايڇ ڪيو تي حملو نہ ڪرايو؟، ھي سمجھي ٿو تہ پاڪ فوج ۾ جيڪو آھي اھو غدار آھي، ھو سمجھي ٿو تہ کيس سڀ ڪجھ خبر آھي باقي سڀ غلط آھن.

ھن جو چوڻ ھو تہ ذھني مريض جي منطق موجب جڏھن ڀارت حملو ڪيو ھي ھجي ھا تہ ڪشتو کڻي ھلي پوي ھا تہ اچو ڳالھيون ڪيون، ھي تہ چوندو ھو خارجين جي پشاور ۾ آفيس کوليون، ماڻھن کي ڀڙڪائيندو آھي تہ ھنگامو ڪيو، ماڻھن کي آپريشنز خلاف ڀڙڪائيندو آھي

ڊي جي آءِ ايس پي آر واضح ڪيو تہ ھن جي سياست يا ان جي ذات رياست کان مٿانھين نٿي ٿي سگھي، ھي ھڪ ذھني مريض آھي…..

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں