راولپنڊي : ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو آھي تہ پاڪستان کان وڌيڪ ڪجھ بہ ناھي، ھڪ شخص جون خواھشون ايتريون تہ وڌي ويون آھن جو چوي ٿو تہ مان ناھيان تہ ڪجھ ناھي
ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري پريس ڪانفرنس ڪندي چيو تہ چيف آف ڊفينس فورسز جي مقرري تي سڀني کي مبارڪباد پيش ڪيان ٿو، چيف آف ڊفينس فورسز جي ھيڊڪوارٽرز جي شروعات ٿي چڪي آھي، چيف آف ڊفينس فورسز ھيڊڪوارٽرز گھڻي عرصي کان ضرورت ھئي.
ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو تہ پريس ڪانفرنس جو مقصد اندروني طور موجود نيشنل سيڪيورٽي ٿريٽ آھي، پاڪستان کان وڌيڪ ڪا بہ شيءِ ناهي، هڪ شخص جون خواهشون ان حد تائين وڌي چڪيون آھن جو هو چوي ٿو “مان نہ تہ ڪجهہ بہ نہ، هاڻي سندس سياست ختم ٿي چڪي آهي ۽ اهو شخص قومي سلامتي لاءِ خطرو بڻجي چڪو آهي، جيڪو هاڻي خارجي عنصرن سان ملي ڪم ڪري رھيو آهي.
هن چيو تہ اسين پاڪستان جي ھٿياربند فوجون آھيون ۽ ڪنهن بہ سياسي سوچ جا عڪاس ناهيون، جيڪڏھن ڪو ماڻهو پنهنجي سوچ تحت پاڪستان جي فوج تي حملو ڪري ٿو تہ پوءِ اسين بہ ان جو پورو جواب ڏينداسين.
ھن چيو تہ اسين پاڪستان جي سياسي قيادت جو احترام ڪيون ٿا، پر فوج کي پنهنجي سياست کان پري رکو، ڪنهن کي بہ اها اجازت نہ ڏني ويندي تہ هو پاڪستان جي فوج ۽ عوام ۾ ڏار وجهي.
ڪو بہ آرمڊ فورسز يا ان جي ليڊرشپ تي حملو ڪندو تہ برداشت نہ ڪنداسين: ڊي جي آءِ ايس پي آر
ھن چيو تہ اسان ايليٽ ڪلاس مان ناهيون، اسين وچولي يا هيٺين وچولي طبقي مان ايندا آهيون، جيڪڏھن ڪو آرمڊ فورسز يا ان جي قيادت تي حملو ڪندو تہ اھو برداشت نہ ڪنداسين، سندن موجب اسين سڀني سياسي شخصيتن ۽ سياسي پارٽين جي عزت ڪريون ٿا، توھان پنهنجي سياست ڪريو، پر فوج کي ان کان پري رکو۔
اسان سمورن سياسي شخصيتن ۽ سياسي جماعتن جي عزت ڪيون ٿا، اوھان پنھنجي سياست ڪيو ۽ فوج کي ان کان پري رکو، فوج خلاف عوام کي ڀڙڪائڻ جي اجازت نہ ڏني ويندي، هن سوال اٿاريو تہ جيڪڏھن ڪو پنهنجي ئي فوج يا ان جي قيادت تي حملو ڪري ٿو تہ ڇا اهو ڪنهن ٻي فوج لاءِ جاءِ ٺاهڻ چاهي ٿو؟
سندن چوڻ ھو تہ جڏھن بہ ڪو ماڻهو هن شخص سان ملي ٿو تہ هو رياستِ ۽ فوج خلاف بيان ڏئي ٿو، ھي شخص آئين، قانون ۽ ضابطن کي نظرانداز ڪري اهڙو بيانيو ٺاهي رھيو آهي.
هن چيو تہ اها ئي فوج خارجي دهشتگردن ۽ عوام جي وچ ۾ ديوار بڻجي بيٺي آهي، هر ملڪ ۾ هڪ فوج هوندي آهي، پوءِ اهو ڪهڙو آئين ۽ قانون آهي جنهن تحت توھان هڪ جوابدار سان مليو ٿا ۽ هو فوج ۽ ان جي قيادت خلاف بيانيو تيار ڪري ٿو؟
ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو تہ پهريان هو بيانيو ڏئي ٿو تہ ناڻي جي مٽا سٽا وارا ذخيرا بند ڪيو جيئن پاڪستان ڊيفالٽ ٿي وڃي، پوءِ چوي ٿو ان قيادت کي نشانو بڻايو وڃي، جيڪا بنيانِ مرصوص جيان اٺ ڀيرا وڌيڪ طاقتور فوج جي سامهون بيٺي آهي، جڏھن انهن جي پارٽي کان پڇيو وڃي ٿو تہ چون ٿا اسان کي خبر ناهي بيانيو ڪٿان هلي ٿو.
ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو تہ آرٽيڪل 19 تحت اظھار جي آزادي جي اجازت آھي پر ان جا بہ ڪجھ ضابطا آھن، آرٽيڪل 19 اوھان کي ملڪ، رياست ۽ قومي سلامتي خلاف ڳالھائڻ جي اجازت نٿو ڏئي، اصل بيانيو ان ذھني مريض ٽوئٽ ڪري ڏنو، ڀارتي ميڊيا بہ انھن جا ٽوئٽ ۽ بيان ھلائي رھيو آھي، عظميٰ خان ڀارتي ميڊيا تي ويھي پي ٽي آءِ کي حملي ڪرڻ جو چئي رھي آھي.
ذھني مريض شخص سمجھي ٿو جيڪڏھن مان اقتدار ۾ آھيان تہ جمھوريت نہ تہ آمريت آھي: ترجمان
ڊي جي آءِ ايس پي آر هڪ تازو مثال ڏيندي چيو تہ ”هن چيو تہ منهنجي پارٽي جو جيڪو ماڻهو اين ڊي يو ويو، اهو غدار آهي، جيڪڏھن ان جي منطق تي هلون تہ هو چوي ٿو تہ جيڪو بہ آءِ ايس پي آر ۾ وڃي اهو غدار آهي.
پاڪ فوج جي ترجمان چيو اوھان ڪير آھيو ۽ ڪنھن جي زبان ڳالھائي رھيا آھيو، سمجھو ڇا آھي پاڻ کي؟ ذھني مرض جي بيماري جون علامتون اوھان پھريان بہ ڏٺيون ھون، ان کان پھريان 9 مئي تي ھن جي ايڇ ڪيو تي حملو نہ ڪرايو؟ ھي سمجھي ٿو فوج ۾ جيڪو ماڻھو آھي اھو غدار آھي، ھو سمجھي ٿو تہ ھن کي سڀ خبر آھي ۽ باقي سڀ غلط آھن، ھن جي سياست جي تعريف بہ عجيب آھي آھي، جيڪڏھن مان اقتدار ۾ آھيان تہ جمھوريت آھي نہ آمريت آھي، اوھان ڪجھ ماڻھن کي ڪجھ وقت لاءِ بيوقوف بڻائي سگھو ٿا، ٽوئٽ ۾ شيخ مجيب الرحمان جا بار بار مثال ڏئي ٿو.
ليفٽننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو تہ توھان وٽ هڪ صوبي جي حڪومت آهي، ان بابت ڇو نہ ڳالهائيندا آهيو؟ پاڪستان جا ايترا مسئلا آهن، انهن تي ڇو نہ ڳالهائيندا آهيو؟ اسان بار بار چوندا رھيا آهيون تہ اسان کي سياست کان پري رکو.
هن وڌيڪ چيو تہ چيف آف ڊفينس فورسز جي نوٽيفڪيشن تي پروپيگنڊا ڪئي وئي، سي ڊي ايف جي نوٽيفڪيشن تي ڪوڙ جي ٻوڏ ھئي، ڇا اھا اظھار جي آزادي آھي؟ اها ڪهڙي سياست آهي؟ اصل مسئلن تي ڳالھايو، فوج جي هر خبر کي پروپيگنڊا لاءِ استعمال ڪيو ويو، خبر ناهي تہ انهن جي ذهنن ۾ اهي خيال ڪٿان اچن ٿا.
ھي چاھين ٿا تہ خارجين سان ڳالھيون ڪيون جيڪي اسان جي ٻارن جي قتل ۾ ملوث آھن: ترجمان
هن چيو تہ 3 ڏينھن پھريان ھنن پنهنجو ساڳيو بيانيو ورجايو تہ خارجي عنصرن سان ڳالھيون ڪيو، هن پاران اهو تاثر ڏنو ويو تہ انٽيليجنس بيسڊ آپريشن نہ ڪيا وڃن، پر انهن خارجي دهشتگردن سان ڳالھيون ڪيون وڃن جيڪي اسان جي ٻارن ۽ سپاهين کي شهيد ڪري رھيا آهن.
ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو تہ ذهني مريض جي منطق موجب جڏھن ڀارت حملو تي ڪيو ان وقت ھي ھجي ٿا تہ ڪشتو کڻي نڪري پوي ھا تہ “اچو ڳالھيون ڪيون ” هي تہ چوندو رھيو آهي تہ خارجي دهشتگردن جي پشاور ۾ آفيس کوليو، ھن کي ڳالھين جو بخار تہ پھريان کان ھو، هي ماڻهو عوام کي آپريشن خلاف بيهڻ لاءِ ڀڙڪائيندو آهي، ماڻهن کي چوندو آهي تہ هنگامو ڪيو،
ڊي جي آءِ ايس پي آر واضح ڪيو تہ ھن جي سياست يا ھن جي ذات رياست کان وڌيڪ نٿي ٿي سگھي، ھي ھڪ ذھني مريض آھي، هي هڪ ٽيرر-ڪرائم نيڪسسز آهي، جيڪو منشيات، نان ڪسٽم پيڪ گاڏين، ڀنگ لاءِ اغوا ۽ بي شمار ٻين غيرقانوني معاملن تي ٻڌل آهي۔
ھن جو چوڻ ھو تہ رياست کانسواءِ اسان جي ڪا بہ سڃاڻپ ناھي، نہ ڪا حيثيت نہ ڪا سياست آھي، هن سڄي معاملي ۾ هڪ وڏو معاشي مفاد شامل آهي، جيڪو بہ پوليٽيڪل ٽيرر-ڪرائم نيڪسز خلاف بيھندو تہ ھي حملو ڪرائي ڇڏيندا، سندن وڌيڪ چوڻ هو تہ ڪو بہ اهو سوال نہ ڪري تہ توھان 12–13 سال کان حڪومت ڪري رھيا آهيو، گورننس ڪٿي آهي؟