چيني ايرواسپيس ڪمپني لِنگ ڪانگ تيان شِنگ گذريل ھفتي نئون ھائپر سونڪ گلائيڊ ميزائل متعارف ڪرايو جنھن جي رينج 1300 ڪلو ميٽر آھي.
آواز جي رفتار کان 7 ڀيرا وڌيڪ تيز ھن ميزائل جو نالو YJK-1000 آھي، پر ان کي ’سيمينٽ ڪوٽڊ ميزائل‘ پڻ چيو پيو وڃي، ڇو تہ ان جي گرمي برداشت ڪندڙ ٻاهرين تہ ۾ فوم ڪنڪريٽ جهڙو عام تعميراتي مواد استعمال ڪيو ويو آهي.
چيني ميڊيا دعويٰ ڪئي آھي تہ ھي ميزائل ڪامياب جنگي آزمائشن کانپوءِ ھاڻي وڏي تعداد ۾ تيار ڪيو پيو وڃي ۽ ھن جي في يونٽ جي قيمت رڳو 99 ھزار آمريڪي ڊالر تائين ٿي سگھي ٿي.
ان جي مقابلي ۾ ميزائل کي تباهہ ڪرڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ هڪ آمريڪي SM-6 نيول انٽرسيپٽر ميزائل جي قيمت تقريبن 41 لک ڊالر آهي، يعني هڪ YKJ-1000 جي قيمت کان 40 ڀيرا وڌيڪ آھي.
اهڙيءَ طرح، آمريڪي THAAD ميزائل ڊفينس سسٽم جي هڪ انٽرسيپٽر جي قيمت ھڪ ڪروڙ 20 لک کان ھڪ ڪروڙ 50 لک ڊالر تائين آھي
چيني ميڊيا موجب، هن گهٽ لاڳت جي حملي آور ميزائل ۽ مهانگن دفاعي نظامن وچ ۾ هي وڏو فرق مستقبل ۾ جنگي حڪمتِ عملي جو توازن بدلائي سگهي ٿو.
چين جي سرڪاري نشرياتي اداردي سان ڳالھائيندي هڪ عسڪري تجزئي نگار وي ڊونگ شو چيو تہ جيڪڏھن هي ميزائل عالمي دفاعي مارڪيٽ ۾ متعارف ٿيو تہ ان جي سٺي طلب ٿيندي.
هن چيو تہ ڪيترائي ملڪ اڃا تائين پنهنجا هائپر سونڪ ميزائل تيار نہ ڪري سگهيا آهن، اهڙي صورتحال ۾ ڊگهي رينج ۽ وڌيڪ تباه ڪندڙ صلاحيت رکندڙ هي انتھائي سستو ميزائل عالمي مارڪيٽ ۾ تيزيءَ سان مقبول ٿي سگهي ٿو.
جڏھن تہ آن لائن مبرصن هن ميزائل جي گهٽ قيمت جي دعويٰ تي شڪ ظاهر ڪندي سوال اٿاريا آھن تہ ٻارڻ ۽ راڪيٽ انجڻ جهڙا اهم جزا ايتري گھٽ لاڳت ۾ ڪيئن ممڪن آھن
انھي حوالي سان ڪمپني چيو آهي تہ اهي جلد ئي انهن سوالن تي تفصيلي وضاحت جاري ڪندي…….