اسلام آباد : پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ اقليتن جي حقن جي حفاظت بابت قومي ڪميشن جو بل اڪثريت سان منظور ڪيو ويو، 160 ميمبرن تحريڪ جي حمايت ۽ 79 ميمبرن مخالفت ڪئي، جڏھن تہ شديد نعريبازي بعد اپوزيشن ميمبر ايوان مان ھليا ويا.
پيپلزپارٽي تحريڪ جي حمايت ڪئي، جڏھن تہ پ پ جي ايم اين اي عبدالقادر پٽيل بہ مخالفت ڪئي ۽ ايوان مان ھليو ويو، سينيٽر عبدالقادر ۽ ايم ولي خان بہ بل جي مخالفت ڪئي.
اپوزيشن جماعتن شديد نعريبازي ڪئي، جنھن سبب اسپيڪر ۽ قانون واري وزير ھيڊ فون لڳائي.
قانون واري وزير خطاب ڪندي چيو تہ ھي اقليتن جي حقن جو ٻل آھي، قيدي نمبر 804 کي ڪجھ نہ ٿيندو، ھي انتھائي اھم قانون آھي، اقليتن جي تعريف جي وضاحت ڪئي وئي آھي.
قانون واري وزير چيو تہ سال 2014 ۾ سپريم ورٽ چيو تہ اقليتن لاءِ ھڪ ڪميشن ٺاھيو، مولانا فضل الرحمان جا ٿورائتا آھيون ان جي ميمبرن بل ۾ ترميمون ڏنيون، قانون ۾ واضح آھي تہ قادياني غيرمسلم آھن
اقليتن جي حقن بابت قومي ڪميشن بل 2025 جي شق وار منظوري ورتي وئي، بل مان شق 35 حذف ڪئي وئي، قانون واري وزير شق واپس ورتي.
جي يو آءِ ف پاران ترميم عاليہ ڪامران پيش ڪئي، شق 35 حذف ڪرڻ جي ترميم اڪثريت سان منظور ڪئي وئي.