اسلام آباد : پي ٽي آءِ جي امڪاني احتجاج سبب وفاقي راڄڌاني واري شھر اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آھي.
اسلام آباد جي ضلعي انتظامہ موجب قلم 144 لاڳو آھي ۽ قلم 144 تحت ڪنھن بہ قسم جي احتجاج يا جلسي جي اجازت نہ ھوندي.
ضلعي انتظاميہ موجب ڪنھن بہ غيرقانوني سرگرمي تي قانون حرڪت ۾ ايندو ۽ ڪارروائي ڪئي ويندي.
ڊپٽي ڪمشنر راولپنڊي حسن وقار چيما بہ ضلعي ۾ قلم 144 لاڳو ڪيو آھي، جنھن جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آھي
نوٽيفڪيشن موجب قلم 144 اڄ کان 3 ڊسمبر تائين لاڳو ھوندو ۽ ضلعي ۾ ھرقسم جي احتجاج، ريلي، جلسي جلوس تي پابندي لاڳو رھندي.
ضلعي انتظامہ موجب پوليس ۽ پوليس ۽ ٻيا قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي الرٽ ڪيو ويو آھي ۽ پوليس سميت سمورا ادارا گڏيل سھڪار سان امن امان کي يقيني بڻائيندا، قلم144 جي ڀڃڪڙي تي فوري طور ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي.
ياد رھي تہ گذريل ڏينھن وزيراعليٰ ڪي پي سھيل آفريدي عمران سان ملاقات نہ ڪرائڻ تي اعلان ڪيو ھو تہ اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ ٻاھران احتجاج ڪنداسين ۽ پوءِ اڊيالا جيل وينداسين……..