اسلام آباد : سينيٽر فيصل واوڊا ڪي پي ۾گورنر راڄ بابت خبرن تي رد عمل ڏيندي چيو آھي تہ بدمعاشي ڪندا تہ گورنر راڄ لڳي سگھي ٿو.
پارليامينٽ ھائوس ٻاھران ميڊيا سان ڳالھائيندي فيصل واوڊا چيو تہ اسان سڀني جون ڪوششون ھجڻ گھرجن تہ ڪي پي جو وزيراعليٰ پنھنجيون ذميواريون نڀائي.
فيصل واوڊا چيو تہ ڪي پي جي وڏي وزير کي چوندس تہ ھو پنھنجي حڪومت ھلائي، ھاءِ ڪورٽ جي آرڊر بعد ھڪ انچ جي غلطي بہ ان جي نااھلي جو سبب بڻجي سگھي ٿي.
سينيٽر فيصل واوڊا چيو تہ اسان نٿا چاھيون تہ ڪي پي ۾ گورنر راڄ لڳي، جيڪڏھن اوھان کي غنڊہ گردي ڪرڻي آھي تہ اسان وٽ ٻيو ڪو بہ آپشن نہ بچندو.
فيصل واوڊا جو چوڻ ھو تہ اسان جي خواھش آھي تہ فيصل ڪريم ڪنڊي ئي ڪي پي جو گورنر رھي، جيڪڏھن ڪنھن ٻئي جو نالو نڪتو تہ پوءِ اھو سياسي نٿو ٿي سگھي، فيصل ڪريم ڪنڊي جي نالي تي اسان کي ڪو بہ مسئلو ناھي.
سينيٽر فيصل واوڊا جو وڌيڪ چوڻ ھو تہ جيڪڏھن ھاڻي ھنن کي پي ٽي آءِ باني سان ملاقات جي خواھش آھي تہ ڀلي ڀت سان ٽڪر ھڻندا رھن، ڀت کي ڪجھ بہ نہ ٿيندو ۽ ان مان ملندو بہ ڪجھ نہ.
فيصل واوڊا چيو تہ ھڪ ئي رستو آھي اوھان سياسي طور تي وزيراعظم ۽ صدر وٽ وڃو، صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم سان ملڻ سان سندن مسئلو حل ٿي ويندو، ھر مسئلي جي چاٻي صدر آصف علي زرداري وٽ ھوندي آھي.
سينيٽر فيصل واوڊا وڌيڪ چيو تہ نواز شريف جو بيان ۽ اسيمبلي ۾ اچڻ ٻڌائي ٿو تہ ھو حڪومت سان گڏ آھي……