ڪراچي : گلشن اقبال جي علائقي ۾ نيپا پل ويجھو گٽر ۾ ڪري گم ٿيل ٻارڙي جو 15 ڪلاڪن جي ڳولا بعد لاش ھٿ آيو آھي.
گٽر ۾ ڪري پيل 3ورھين جي ابراھيم جو لاش حادثي واري ھنڌان ڪجھ سئو ميٽر جي فاصلي تي مليو، جنھن کي وارثن حوالي ڪيو ويو.
گذريل رات وارثن سان گڏ شاپنگ تي آيل 3 ورھين جو ٻارڙو ابراھيم کليل گٽر ۾ ڪري پيو، ريسڪيو ٽيمون 15 ڪلاڪن تائين لاش ھٿ ڪرڻ لاءِ ڳولا ۾ رڌل رھيون، ان دوران شھرين پاران انتظاميہ جي غفلت ۽ ريسڪيو جي عمل ۾ دير تي شديد احتجاج ڪيو ويو .
ريسڪيو ٽيمن موجب ٻارڙي جي ڳولا جو سلسلو سموري جاري رھيو، جڏھن تہ کوٽائي واري مشينري نہ ھجڻ سبب آپريشن ڪجھ وقت لاءِ روڪڻو پيو
ٻارڙو ابراھيم وارثن سان گڏ خريداري لاءِ آيل ھئو، شاپنگ بعد ٻاھر نڪرڻ دوران کليل گٽر ۾ ڪري پيو.
ٻارڙي جي والد ٻڌايو تہ ھو موٽرسائيڪل پارڪ ڪري رھيا ھئا تہ ان دوران ابراھيم گٽر ۾ ڪري پيو، ٻارڙي جي ڏاڏي ٻڌايو تہ ابراھيم والدين جو اڪيلو پٽ ھو جيڪو انتظاميہ جي غفلت جو شڪار ٿيو.
ٻئي پاسي سنڌ حڪومت واقعي جو نوٽيس وٺندي جاچ شروع ڪري ڇڏي آھي، سنڌ حڪومت جي ترجمان سعديہ جاويد موجب مين ھول تي ڍڪڻ ڇو نہ ھئو، ان جي جاچ ڪئي پئي وڃي ۽ ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي…..