پشاور : ڪي پي جي وڏي وزير سھيل آفريدي چيو آھي تہ وفاق کان آءِ ايم ايف جي چارج سيٽ ۾ 5300 ارب رپين جي ڪرپشن جو حساب وٺنداسين.
پشاور ۾ انصاف اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي تقريب ۾ خطاب ڪندي سهيل آفريدي چيو تہ مون اسٽوڊنٽ فيڊريشن کان شروعات ڪئي هئي ۽ اڄ وڏو وزير آھيان.
هن چيو تہ ڪجهہ ماڻهو چون ٿا تہ پي ٽي آءِ احتجاجي سياست ڪري ٿي، جيڪڏھن انصاف ملي ها تہ پي ٽي آءِ احتجاجي سياست نہ ڪري ها، 9 مئي کانپوءِ جن ماڻهن پريس ڪانفرنسون ڪيون، اهي بري ٿي ويا ۽ جيڪي باني جي گڏ بيٺا، تن کي سزا ڏني وئي۔
وڏي وزير چيو تہ ھي نظام مڪمل طور تي وائکو ٿي چڪو آھي، اسان سڀ آئيني ۽ قانوني رستا اختيار ڪري چڪا آھيون، پي ٽي آءِ باني سان ملاقات ناھي ٿي، ھاڻي اسان وٽ احتجاج کانسواءِ ڪھڙو آئيني رستوبچيو آھي؟
هن چيو تہ ھڪ پاسي وفاقي حڪومت حق نٿي ڏئي تہ پئسا ناھن، ٻي طرف آءِ ايم ايف چارج شيٽ ۾ چيو آھي تہ 5300 ارب رپين جي ڪرپشن ٿي آھي، اسان کي ان 5300 ارب رپين جو حساب وٺڻو آھي.
سهيل آفريدي چيو تہ قبائلي ضلعن جي ضم ٿيڻ کانپوءِ صوبي کي اين ايف سي ۾ پنهنجو حصو نٿو ڏنو وڃي، جڏھن تہ نيٽ هائيڊل پرافٽ جي مد ۾ 2200 ارب رپيا وفاق کي ڏيڻا آھن۔….