سنڌ ھاءِ ڪورٽ بار جون چونڊون، حسيب جمالي صدر ۽ طارق علي جکراڻي نائب صدر چونڊجي ويا

فہرستِ مضامین

ڪراچي: سنڌ ھاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي چونڊن ۾ حسيب جمالي صدر ۽ طارق علي جکراڻي نائب صدر چونڊجي ويو آھي.

سنڌ ھاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي سالياني چونڊن لاءِ ووٽنگ جو عمل پورو ڏينھن جاري رھيو، مجموعي طور تي 5340 وڪيلن ووٽ جو حق استعمال ڪيو، جڏھن تہ رجسٽرڊ ووٽرن جو انگ 8 ھزار 4 سئو 78 ھو، اليڪشن ڪمشنر جا فرض بئريسٽر ذوالفقار جلباڻي ادا ڪيا .

سنڌ ھاءِ ڪورٽ بار ايوسيئيشن جي چونڊن ۾ حسيب جمالي صدارتي سيٽ تي ڪاميابي ماڻي، حسيب جمالي 2679 ووٽ حاصل ڪيا جڏھن تہ سندس مقابلي ۾ بيٺل صدارتي اميدوار سرفراز ميتلو 2604 ووٽ حاصل ڪيا، نائب صدر جي سيٽ تي طارق علي جکراڻي 1497 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو.

جنرل سيڪريٽري جي سيٽ تي فريدہ مڱريو 2582 ووٽ حاصل ڪري سوڀ ماڻي، سندس مقابلي ۾ بيٺل عمران علي 1463 ووٽن سان ٻي نمبر تي رھيو ۽ موجودہ سيڪريٽري مرزا سرفراز احمد 1257 ووٽن سان ٽئين نمبر تي رھيو، عورتن جي ايڊيشنل سيڪريٽري تي روپ مالا کي ڪامياب قرار ڏنو ويو.

وڪيل برادري جو چوڻ آھي تہ حسيب جمالي پيپلز لائرز فورم ۽ مسلم ليگ لائرز جي حمايت يافتہ اميدوار کي شڪست ڏني آھي ۽ ھي آئيني ترميم جي مخالفن جي ڪاميابي آھي.

چونڊ نتيجن کانپوءِ وڪيلن پاران خوشي ۾ ھوائي فائرنگ ڪئي وئي

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں