ڀان سيد آباد : وڏي وزير مراد علي شاهہ چيو آهي تہ سنڌ جي ورھاڱي جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي، ايم ڪيو ايم جي نئين صوبي واري شوشي کي سنجيده وٺڻ جي ضرورت ناهي.
ڀان سيد آباد ۾ پريس ڪلب جي دوري دوران صحافين سان ڳالھ ٻولھ ڪندي وڏي وزي مراد علي شاھ چيو تہ ايم ڪيو ايم طرفان نئين صوبي جي مطالبي تي پريشان ٿيڻ ۽ ان ڳالهہ کي سنجيدہ وٺڻ جي ضرورت ناهي
وڏي وزير چيو تہ نئين صوبي جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي، اسان ڪڏھن بہ سنڌ ٽوڙڻ وارو عمل برداشت نہ ڪنداسين.
مراد علي شاھ چيو تہ گورنر جي مقرري وفاق جو اختيار آھي، جن ضلعن ۾ ڪم مڪمل آھي، انھن ۾ ايندڙ ھفتي کان نوڪريون ملڻ شروع ٿي وينديون.
28هين ترميم بابت سوال تي وڏي وزير چيو تہ جيڪڏھن اها ايندي تہ ڏٺو ويندو، جيڪا شئي سامهون آئي ئي ناهي تہ ان تي ڪهڙو ردعمل ڏيون، 28هين ترميم سنڌ ۽ وفاق جي مفاد ۾ نہ هوندي تہ حمايت نہ ڪنداسين
مراد علي شاهہ ڀان سيدآباد پريس ڪلب جي نئين ٺهندڙ عمارت جو معائنو ڪيو ۽ چيو تہ صحافين جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا……..