اسلام آباد : سپريم ڪورٽ قرار ڏنو آھي تہ مسلم فيلمي لا آرڊيننس 1961 جي قلم 7 تحت 3 ڀيرا طلاق سميت ڪنھن بہ شڪل ۾ ڏنل طلاق 90 ڏينھن جو مدو پورو نہ ٿيڻ تائين اثرائتي نہ ھوندي.
چيف جسٽس يحيٰ آفريدي، جسٽس محمد شفيع صديقي ۽ جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب تي ٻڌل ٽہ رڪني بينچ محمد حسن سلطان جي طلاق بابت درخواست اڪلائيندي چيو تہ جيڪڏھن مڙس، زال کي طلاق جو حق بنا شرط حوالي ڪيو تہ زال کي طلاق واپس وٺڻ جو مڪمل طور حق حاصل آھي.
عدالت سنڌ ھاءِ ڪورٽ جو 7 آڪٽوبر 2024 جو فيصلو درست قرار ڏيندي چيو تہ ڌرين 2016 ۾ شادي ڪئي ۽ نڪاح نامي جي شق 18 تحت مڙس زال موريل شاھ کي بنا شرط جي طلاق ڏني.
زال 3 جولائي 2023 تي قلم 7 ھڪ تحت نوٽيس ڪيو ۽ 90 ڏينھن جو مدو پورو ٿيڻ کان اڳ 10 آگسٽ 2023 تي ھي ڪارروائي واپس ورتي وئي جنھن تي چيئرمين يونين/ آربيٽريشن ڪائونسل طلاق جي ڪارروائي ختم ڪري ڇڏي….