ڪراچي : پريس ڪلب ٻاھران پي ٽي آءِ باني عمران خان سان ملاقات جي اجازت نہ ملڻ تي احتجاج ڪندڙ پي ٽي آءِ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آھي.
اڳوڻي وزيراعظم ۽ پي ٽي آءِ باني سان ملاقات جي اجازت نہ ملڻ تي پي ٽي آءِ ڪراچي ڊويزن پاران ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاج جي ڪوشش ڪئي.
پي ٽي آءِ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي احتجاج کان اڳ ئي پوليس جي وڏي نفري پريس ڪلب ٻاھران پھچي وئي ۽ احتجاج ڪندڙ پي ٽي آءِ سنڌ جي اڳوڻي صدر حليم عادل شيخ سميت ڪيترن ئي ڪارنن کي گرفتار ڪري ٿاڻي منتقل ڪيو ويو
پي ٽي آءِ ترجمان موجب پوليس دوا خان، معظم خان، ياسر بلوچ، انور مھدي، رضا ياسر سميت ڪيترن ئي ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو، جڏھن تہ عورت ڪارڪنن کي بہ حراست ۾ وٺي ٿاڻي منتقل ڪيو ويو……..