ڪراچي: سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر علي خورشيدي ڪراچي ۾ ٽريفڪ قانونن جي ڀڃڪڙي تي ٿيندڙ ايِ چالان جي رقم گھٽ ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آھي.
سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران خطاب ڪندي اپوزيشن ليڊر علي خورشيدي جو چوڻ ھو تہ ھيل تائين ڪراچي مان 70ڪروڙ رپين کان وڌيڪ ڏنڊ وصول ڪيو ويو آھي، چالان جي مد ۾ ڏنڊ گھٽ ڪرڻ گھرجن، ڪراچي ۾ تہ ڪئمرائون لڳايون ويون آھن، باقي ٻين شھرن ۾ ڪئمرائون ڇو نہ پيون لڳايون وڃن.
علي خورشيدي جو چوڻ ھو تہ درخواست آھي تہ چالان بابت پارلياماني ڪميٽي جوڙي وڃي، قانون واري وزير کي درخواست آھي تہ ڏنڊ جي رقم ۾ گھٽتائي ڪئي وڃي، ھن الزام ھنيو تہ ڪراچي ۾ ٽريفڪ پوليس اھلڪار شھرين کي لٽيندا آھن.
قانون واري وزير ضياءُ الحسن لنجار خطاب ڪندي چيو تہ ڪراچي کانسواءِ ٻين شھرن ۾ بہ چالان ڪاٽيا پيا وڃن، ڪراچي جو ٽريفڪ نظام 20 سيڪڙو بہ درست ناھي ٿيو، ان جي بھتري لاءِ اپوزيشن ۽ عوام جو سھڪار گھرجي.
ھن چيو تہ ذات کي ڏسي قانون ناھن ٺاھيا ويا، ڏنڊ شھرين جي تحفظ لاءِ لاڳو ڪيو ويو آھي، موٽرسائيڪل تي شھري 4 -4 ٻار ويھاري کڻي ويندا آھن، ھيڊلائٽ بہ ناھي ھوندي، چالان جي رقم وڏي ضرور آھي پر وصول ناھي ڪئي وئي، اسان پھرين چالان جي رقم معاف ڪئي آھي.
صوبائي وزير جو چوڻ ھو تہ ٽريفڪ وارڊن بابت اپوزيشن علي خورشيدي جيڪو چيو اھو نامناسب آھي، سڀ ھڪ جھڙا ناھن ھوندا، جيڪي انھن جا خدشا آھن اھي ويھي حل ڪرڻ لاءِ تيار آھيون.
ضياءُ الحسن لنجار جو چوڻ ھو تہ پنجاب ۾ بہ ڏنڊ جي رقم ۾ اضافو ڪيو ويو ھو، قانون جي رٽ قائم ڪرڻ ۽ ٽريفڪ جو نظام بھتر لاءِ اپوزيشن اسان جو ساٿ ڏئي……