ايم ڪيو ايم پاڪستان نئين صوبي ۽ مڪاني ادارن جي مضبوطي لاءِ  عدالتن ۾ وڃڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

فہرستِ مضامین

ايم ڪيو ايم پاڪستان نئين صوبي ۽ مڪاني ادارن جي مضبوطي لاءِ  عدالتن ۾ وڃڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، خالد مقبول صديقي جو چوڻ آھي تہ عدالتن بہ ساٿ نہ ڏنو تہ عوام روڊن تي ھوندو.

ڪراچي ۾ گورنر سنڌ ڪامران ٽيسوري ۽ ٻين سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي خالد مقبول صديقي چيو تہ ڪراچي تي 17 سالن کان جاري قبضو ھاڻي ختم ٿيڻ گھرجي.

ھن چيو تہ ڪراچي واسين جي حقن تي ڌاڙو ھنيو پيو وڃي، شھر جي ماسٽر پلان کي ڪرپشن ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي، ھو ڪراچي جي ترقياتي ڪمن جي نگراني ڪن پيا.

سندس چوڻ ھو تہ پاڪستان ۾ جاگيرداراڻي جمھوريت آھي، آرٽيڪل 239 نوان ضلعا ۽ صوبا ٺاھڻ جو چوي ٿو، آئين چوي ٿو تہ مڪاني حڪومتون قائم ٿيڻ گھرجن.

ايم ڪيو ايم سربراھ چيو تہ عوام کي آئين موجب حق ملڻ گھرجن، گھٽين ۽ روڊن جي مرمت عوام جو حق آھي، جيڪو کين ملڻ گھرجي.

ھن چيو تہ اڄ رڳو ھڪ پارٽي کانسواءِ سموريون پارٽيون ساڻن گڏ آھن، اسان تہ چئون ٿا تہ پيپلزپارٽي جي ميئر کي طاقت ملي، ڪراچي سنڌ جي بجيٽ جو 97 سيڪڙو ڏئي ٿو. سندس چوڻ ھو تہ ھو نئين صوبي لاءِ عدالتن جو رُخ ڪندا، جيڪڏھن عمل نہ ٿيو تہ عوام روڊن تي اچي ويندو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں