سنڌ ڪابينا عدالتن، نوڪرين، اسپتالن ۽ پلاٽن بابت اھم منظوريون ڏئي ڇڏيون

فہرستِ مضامین

سنڌ ڪابينا ايس ٽي  ايس اسڪريننگ ٽيسٽ جي نتيجن ۾ جون 2028 تائين واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي  آھي.

وڏي وزير مراد علي شاھ جي صدارت ھيٺ سنڌ ڪابنيا جو اجلاس ٿيو،  جنھن ۾ صوبائي وزيرن، خاص مددگارن ۽ صلاحڪارن شرڪت ڪئي.

اجلاس دوران 15 نومبر کان ڪريشنگ سيزن شروع ڪرڻ واري فيصلي ۽ ڪراچي پريس ڪلب جي ميمبرن لاءِ 639 اضافي رھائشي پلاٽس جي بہ منظوري ڏني وئي.

خيبرپختونخواھ جَي علائقي مالا ڪنڊ ۾ ٽيڪنيڪل  ۽ ووڪيشنل انسٽيٽيوٽ قائم ڪرڻ لاءِ  ڏيڍ ارب کان وڌيڪ فنڊ منظور ڪيو ويو.

 14 دھشتگردي ٽوڙ عدالتون ختم ڪري منشيات جي خاتمي بابت خصوصي عدالتن ۾ تبديل ڪرڻ جي بہ منظوري ڏني وئي.

اجلاس دوران  سنڌ آءِ ٽي منصوبي لاءِ ايڇ بي ايل جي پراڻي عمارت خريد ڪرڻ جو بہ فيصلو ڪيو ويو.

 وڏي وزيرمراد علي شاھ طرفان غير واسطيدار ماڻھن وٽ موجود گاڏين جا تفصيل طلب ڪيا ويا.

سنڌ ڪابينا ايس ٽي  ايس اسڪريننگ ٽيسٽ جي نتيجن ۾ جون 2028 تائين واڌ جي منظوري ڏني.

سنڌ ڪابينا غلام حسين ڦل کي سول  سرونٽ ھائوسنگ فائونڊيشن جو چيئرمين مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني.

 ايڊيشنل اسپيشل اينٽي  ڪرپشن ڪورٽ حيدرآباد قائم ڪرڻ جي بہ منظوري ڏني وئيئ.

 ڪابينا پاران ايم اي جناح روڊ تي قائم ايڇ بي ايل بلڊنگ کي آءِ ٽي ٽاور ٺاھڻ لاءِ خريد ڪرڻ جي بہ منظوري ڏني وئي آھي.

جناح اسپتال لاءِ گرانٽ جي منظوري

سنڌ ڪابينا طرفان جناح پوسٽ گريجويٽ ميڊيڪل سينٽر ۾ 12 ماڙ نئين ايمرجنسي ٽاور لاءِ 15 ملين ڊالرز جي گرانٽ منظور ڪري ورتي.

گرانٽ پيشنٽ ايڊ فائونڊيشن کي فراھم ڪئي ويندي، جنھن کان ٽاور لاءِ سامان جي خريداري ممڪن ٿيندي.

نئين ايمرجنسي ٽاور ۾ 722 بسترا ۽ 17 آپريٽنگ ٿيٽرز ھوندا، ايمرجنسي ڊپارٽمينٽ ۾ 224 بسترن جو اضافو ڪيو ويندو، گرانٽ ٻن قسن ۾ جاري ٿيندي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں