ڏيپلي ۾ پوليس ھٿان مبينا قتل ٿيل نوجوان جو ڪيس داخل، وارثن ڌرڻو ختم ڪري ڇڏيو

فہرستِ مضامین

ڏيپلي ويجھو مبينا طور قتل ٿيل نوجوان رمضان کوسو جو قتل ڪيس داخل ٿيڻ ۽ جوابدارن جي گرفتاري واري خاطري تي وارثن ڌرڻو ختم ڪري ڇڏيو آھي.

رمضان کوسو جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ سندس وارثن طرفان لاش ٿرڪول روڊ تي رکي ڌرڻو ھنيو ويو، جنھن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي.

ايس ايس پي ٿرپارڪر شعيب ميمڻ پھچي احتجاج ڪندڙن سان ڳالھيون ڪيون.

ايس ايس پي ٿرپارڪر پاران نوجوان جي وارثن کي جوابدارن جي گرفتاري جي خاطري ڪرائي وئي، جنھن بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو.

رمضان کوسو جو قتل ڪيس داخل

مبينا طور قتل ٿيل رمضان کوسو جو ڪيس سندس ڀاءُ جي فرياد تي داخل ٿيو، جنھن ۾ايس ايڇ او سميت 5 اھلڪارن کي نامزد ڪيو ويو،  ڪيس ۾ ايس ايڇ او ڏيپلو حسين بخش راڄڙ، اھلڪار پرڪاش ميگھوار، شوڪت راھمون، لال محمد بجير کي نامزد ڪيو ويو، ان کان اڳ ايس ايس پي ٿرپارڪر ايس ايڇ او سميت پنجن ئي اھلڪارن کي معطل بہ ڪيو ھو.

رمضان کوسو قتل ڪيئن ٿيو؟

ڏيپلي ويجھو نوجوان رمضان کوسو جو گاڏي مان گوليون لڳل لاش ھٿ آيو ھو، وارثن جو چوڻ آھي تہ نوجوان دعوت تان واپس اچي رھيو ھو تہ پوليس کيس روڪي قتل ڪيو، نوجوان جي قتل ٿيڻ بعد اھلڪار فرار ٿي ويا، جڏھن تہ الزام ھيٺ آيل اھلڪارن طرفان چيو ويو ھو تہ اسپتال ويل ھئا، نوجوان جي قتل بابت کين ڪا بہ خبر ناھي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں