اسلام آباد: وزيراعظم شھباز شريف پاران ٽہ ملڪي ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ سيريز ۾ شريڪ ٽيمن جي مان ۾ آجياڻو ڏنو ويو.
وزيراعظم ھائوس اسلام آباد ۾ ٽہ ملڪي سيريز ۾ شريڪ پاڪستان، سريلنڪا ۽ زمبابوي جي ڪرڪيٽ ٽيمن جي اعزاز ۾ ڏنل آجياڻي ۾ وزيراعظم ٽنھي ٽيمن جي رانديگرن سان ملاقات ڪئي.
ان موقعي تي وزيراعظم چيو تہ پاڪستان ۽ عالمي ڪرڪيٽ ميچون ٿيڻ ملڪ ۾ امن ۽ استحڪام جو ثبوت آھي.
هن چيو تہ سريلنڪا ۽ زمبابوي جي ڪرڪيٽ ٽيمون پاڪستان ۾ ٿيندڙ ٽن ملڪن واري سيريز ۾ شرڪت ڪندي جنهن جوش، مهارت ۽ لگن ڏيکاري، اھا واکاڻ جوڳي آھي، پي سي بي چيئرمين محسن نقوي جي سربراهي ۾ سيريز جا انتظامات مثالي آهن.
آجياڻي واري تقريب ۾ وڏي وزير مراد علي شاھ، پي سي بي چيئرمين ۾ محسن نقوي، وفاقي وزير عطا تارڙ، ريلوي وارو وزير، سريلنڪا جي ھاءِ ڪمشنر ، زمبابوي جي هاءِ ڪميشنر ۽ ٻين شرڪت ڪئي…