ڪراچي : سنڌ حڪومت پاران 12 آڪٽوبر تي پوري صوبي ۾ لاڳو ڪيل قلم 144 ۾ ھڪ مھيني جي واڌ ڪئي وئي آھي، انھي حوالي سان گھرو کاتي پاران نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آھي.
جاري ڪيل نوٽيفڪشن موجب پوري صوبي ۾ميڙاڪن، جلسن، جلوسن، ڌرڻن ۽ 5 ماڻھن جي گڏ ٿيڻ تي پابندي ھوندي، قلم 144 جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏنو ويو آھي.
نوٽيفڪيشن جي ڪاپي سمورن ڪمشنرز، ڊي آءِ جيز، ايس ايس پيز ۽ ڊپٽي ڪمشنرز ڏانھن اماڻي وئي.
نوٽيفڪيشن موجب قلم 144 تحت فوري طور لاڳو ٿيل پابنديون ھڪ مھيني تائين تائين ھونديون.
ياد رھي تہ 14 آڪٽوبر تي پوري صوبي ۾ قلم 144 لاڳو ڪيو ويو ھو، جنھن ۾ ھڪ مھيني لاءِ واڌ ڪئي وئي آھي……