اپوزيشن اتحاد جو 27ھين ترميم خلاف تحريڪ هلائڻ ۽ پارليامينٽ کي نہ هلڻ ڏيڻ جو اعلان

فہرستِ مضامین

اسلام آباد: اپوزيشن اتحاد تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان 27 ھين ترميم خلاف احتجاجي تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪيو آھي.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي تحريڪ تحفظ آئين جي چيئرمين محمود خان اچڪزئي چيو تہ تحريڪ ھلائڻ ۽ پارليامينٽ کي هلڻ جو اعلان ڪيو آھي، ۽ اڄ کان تحريڪ شروع آهي۔

محمود خان اچڪزئي چيو تہ رات اٺين وڳي کان نعرا لڳائڻ شروع ڪيا ويندا ۽ نعرو هوندو تہ اهڙي دستور کي اسان نٿا مڃيون.

گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ مصطفيٰ نواز کوکر چيو تہ 27 ھين شخصيتن جي فائدن ۽ نقصانن کي نظر ۾ رکي ڪئي وئي آهي، جڏھن تہ آئين جو شخصيتن سان ڪو واسطو ناهي، اشرافيہ پنهنجن مفادن لاءِ آئين ۾ ترميمون ڪري رھي آهي۔

سينيٽر راجہ ناصر عباس چيو تہ پارليامينٽ ۽ عدليہ کي تباهہ ڪيو ويو آهي، هن ترميم کي روڪڻ لاءِ هر حد تائين وينداسين۔

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں