لائیو پريا ڪماري سميت گم ٿيل ٻارڙن جي بازيابي لاءِ ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي ٻئي ڏينھن بہ احتجاج جاري

فہرستِ مضامین

پنج سال اڳ 10 محرم تي سبيل تان گم ٿيل نينگري پريا ڪماري سميت ٻين ٻارڙن جي بازيابي لاءِ ٻٻرلوءِ باءِ باس تي گذريل ڏينھن کان قائم ڪيل احتجاجي ڪئمپ تي شھرين، سوسائٽي سميت مختلف مڪتب فڪر جي ماڻھن پھچي يڪجھتي جو اظھار ڪيو.

ان موقعي تي اڳواڻن ڊبليو ٽي اين سان ڳالھائيندي چيو تہ جيستائين پريا ڪماري سميت گم ٿيل سمورن ٻارڙن کي بازياب نٿو ڪرايو وڃي تيستائين احتجاج جاري رھندو.

اڳواڻن چتاءُ ڏيندي چيو تہ پريا ڪماري سميت سمورن ٻارڙن کي بازياب نہ ڪرايو ويو تہ ٻٻرلوءِ باءِ پاس کي مڪمل طور تي بند ڪيو ويندو.

ان ڏس ۾ ڊبليو ٽي اين طرفان جڏھن صوبائي وزير ناصر حسين شاھ پريا ڪماري جي بازيابي بابت سوال ڪيو ويو تہ ھن جواب ڏنو تہ پريا ڪماري اسان جي نياڻي آھي، اللھ ڪندو ان معاملي ۾ ضرور سوڀ ملندي، سڀ ان ۾ لڳا پيا آھيون.

ھن چيو تہ چيئرمين بلاول بہ ان معاملي تي ھدايتون ڏنيون آھن، وڏو وزير، گھرو وزير اسان سڀ ڪوششون وٺي رھيا آھيون.

ناصر شاھ چيو تہ ڪجھ عرصو ھڪ اميد نظر آئي ھئي تہ پريا ڪماري ھڪ علائقي ۾ آھي پر اتان بہ اھا ڳالھ نہ نڪري سگھي اسان سڀ ڪوششن ۾ آھيون اللھ ڪندو پريا ڪماري جلد بازياب ٿيندي.

ايم پي اي شام سندر ڊبليو ٽي اين سان ڳالھائيندي چيو تہ پيپلز پارٽي پھرين ڏينھن کان وٺي پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ ڪوششون وٺي رھي آھي، سنڌ حڪومت طرفان ان سلسلي ۾ ھڪ جي آءِ ٽي بہ جوڙي ھئي.

ھن چيو تہ ان کان اڳ پريا ڪماري جي وارثن ۽ سنڌ جي معتبر ماڻھن جي سي ايم ھائوس ۾ وڏي وزير سان گڏجاڻي ٿي ھئي ان گڏجاڻي ۾ آئون پاڻ بہ موجود ھئس.

جڏھن جي آءِ ٽي ٺھي تہ پراميد ھئاسين تہ اسان نياڻي کي بازياب ڪرائڻ وڃون پيا، پر بدقسمتي اسان ان منزل تي نہ پھتا آھيون.

ھن چيو تہ سنڌ حڪومت ھن وقت بہ ڪوششون ڪري رھي آھي، اسان جي دعا  آھي پريا ڪماري جلد بازياب ٿي پنھنجي مائٽن وٽ اچي.

ان ڏس ۾ ڊبليو ٽي اين طرفان جڏھن آءِ جي سنڌ کان پريا ڪماري جي بازيابي بابت سوال ڪيو ويو تہ ھن اھو چئي ڳالھائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو تہ توھان جي سوالن سان پريا ڪماري جا گھر ڀاتي پريشان ٿين ٿا.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں