آذربائيجان جي دوري تي باڪو پھتل وزيراعظم شھباز شريف ۽ ترڪ صدر رجب طيب اردوان وچ ۾ ملاقات ٿي آھي، جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جي لاڳاپان جي سڀني پاسن جو جائزو ورتو ويو، ملاقات ۾ فيلڊ مارشل عاصم منير پڻ موجود هئا.
ملاقات باڪو ۾ فتح ڏھاڙي جي پريڊ جي موقعي تي ٿي، جنهن دوران پاڪستان ۽ ترڪيہ وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي سڀني پاسن جو جائزو ورتو ويو ۽ گڏيل دلچسپي وارن شعبن ۾ سھڪار کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو.
وزیراعظم شھباز شریف، ترڪيہ جي جمھوريت جي ڏھاڙي جي موقعي تي صدر اردوان ۽ ترڪ عوام کي مبارڪباد پيش ڪئي ۽ چيو تہ پاڪ-ترڪ دوستي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پائيدار لاڳاپن جي مضبوطي جي عڪاسي ڪري ٿي.
پڌرائي موجب ملاقات دوران اتفاق ڪيو ويو تہ ترڪيہ جو هڪ وزارتي وفد جلد ئي پاڪستان جو دورو ڪندو.
پڌرائي ۾ چيو ويو آهي تہ ٻنهي اڳواڻن علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي رابطو جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو، خطي ۽ مسلمان ملڪن ۾ امن، استحڪام ۽ خوشحالي کي ھٿي وٺرائڻ لاءِ گڏيل خواهش جي عزم جو اظھار ڪيو..