صدر کانپوءِ وزيراعظم کي بہ فوجداري ڪيسن کان ڇوٽ ڏيڻ جي ترميم پيش ڪئي وئي آهي۔
ذريعن موجب هي ترميم حڪومتي ميمبر سينيٽر انوشا رحمان ۽ سينيٽر ظاهر خليل طرفان گڏيل اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ پيش ڪئي وئي.
ذريعن ٻڌايو آھي تہ ترميم موجب، آئيني آرٽيڪل 248 ۾ صدر سان گڏ لفظ وزيراعظم بہ شامل ڪيو ويندو، ترميم جي منظوري کانپوءِ وزيراعظم خلاف مدي دوران فوجداري ڪيسن ۾ ڪا بہ ڪارروائي نہ ٿي سگھندي.
ياد رھي تہ 27هين آئيني ترميم ڪابينا جي منظوري کانپوءِ پوءِ سينيٽ ۾ پيش ڪيو ويو ۽ بعد ۾ پارليامينٽ جي قانون ۽ انصاف جي ڪميٽي ڪميٽي ڏانھن موڪليو ويو.
27هين آئيني ترميم تي قانون ۽ انصاف جي گڏيل پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس ختم ٿي ويو ۽ ڪميٽي جو اجلاس سڀاڻي صبح 11 وڳي ٻيهر ٿيندو.