اسلام آباد: آرمي چيف کي چيئف آف ڊفنس فورسز جو عهدو ڏيڻ جي تجويز، ۽ 27هين آئيني ترميم جو مجوزه مسودو سامهون اچي ويو آهي۔
آئين پاڪستان ۾ 27 ھين آئيني ترميم جو مسودو ڊبليو ٽي اين ھٿ ڪري ورتو آھي, جنھن تحت آئين جي آرٽيڪل 243 ۾ ترميم ڪري چيئرمين جوائنٽ چيف آف اسٽاف ڪميٽي جو عهدو ختم ڪرڻ ۽ آرمي چيف کي چيف آف ڊفينس فورسز جو عھدو ڏيڻ جي تجويز ڏني وئي آھي، جڏھن تہ سپريم ڪورٽ کان اختيار واپس وٺي وفاقي آئيني عدالت ڏيڻ جي تجويز ڏني وئي آھي.
تجويز ڪيل مسودي موجب آئيني ترميم جي بل جو مقصد آئين ۾ وڌيڪ تبديلون ڪرڻ آھي، بل فوري طور لاڳو ھوندو، آرٽيڪل 42 ۾ لفظ پاڪستان جي جاءِ تي فيڊل ڪونسٽي ٽيوشنل ڪورٽ تجويز آھي.
آرٽيڪل 59 ۾ ميمبرن جي مدي بابت وضاحت شامل ڪئي وئي آهي، هر ميمبر جو مدو 11 مارچ تي مڪمل تصور ھوندو، آرٽيڪل 63 اي ۾ لفظ “سپريم” کي تبديل ڪري “فيڊرل ڪونسٽي ٽيوشنل” ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي۔
آرٽيڪل 68 ۾ پارلياماني بحث جي حوالي سان “ وفاقي آئيني عدالت جو ذڪر شامل آھي
آرٽيڪل 243 ۾ تجويز ڪيل ترميمن موجب، صدر، وزيراعظم جي صلاح تي چيف آف آرمي اسٽاف جي مقرري ڪندو ۽ چيف آف آرمي اسٽاف گڏوگڏ “چيف آف ڊفينس فورسز بہ ھوندو۔
27 نومبر کان چيئرمين جوائنٽ چيف آف اسٽاف ڪميٽي جو عهدو ختم ڪرڻ جي تجويز آهي، وزيراعظم، آرمي چيف جي سفارش تي نيشنل اسٽرٽيجڪ ڪمانڊ جي سربراهہ جي مقرري ڪندو، فيلڊ مارشل، مارشل آف ايئر فورس ۽ ايڊمرل آف فليٽ جو عھدو ۽ مراعتون تاحيات رھندو.
آرٽيڪل 78۾ ترميم تحت لاڳاپيل پيراگراف ۾ “وفاقي آئيني عدالت” جو ذڪر شامل ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، جڏھن تہ آرٽيڪل 81 ۾ ترميم تحت ٻنهي پيراگرافن ۾ عدالت جو اضافو ڪرڻ جي تجويز آهي۔
مسودي موجب ، آئيني عدالت 7 ججن تي ٻڌل هوندي، آرٽيڪل 93 ۾ تبديلي تحت لفظ “5” جي جاءِ تي “7” ڪرڻ جي تجويز شامل آهي، جڏھن تہ آرٽيڪل 100 ۾ ترميم تحت لفظ “سپريم” کي “وفاقي آئيني” شامل ڪرڻ جي تجويز آهي۔
آرٽيڪل 114 ۾ ترميم تحت ٻيهر ايندڙ لفظ کانپوءِ عدالت جو نالو شامل ڪرڻ جي تجويز آهي، جڏھن تہ آرٽيڪل 165اي ۾ ترميم بہ مسودي جو حصو آھي .
آرٽيڪل 165 اي ۾ ٻئي ھنڌ تي “ وفاقي آئيني عدالت” جو اضافو ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، جڏھن تہ سرڪاري خرچن ۽ عدالتي دائري اختيار بابت تبديلي آرٽيڪل 175 ۾ ترميم جي ايجنڊا جو حصو آھي.
عدالتي مقرري جي طريقيڪار ۾ آئيني عدالت جو ڪردار شامل ڪرڻ جي تجويز شامل آهي ۽ چیف جسٽس کي جوڊيشل ڪميشن ۾ نمائندگي ملڻ جي تجويز آھي.
جوڊيشل ڪميشن جي نئين سر جوڙجڪ ۾ سپريم ڪورٽ ۽ وفاقي آئيني عدالت جي سينيئر ججز شامل ھوندا.
اعليٰ عدليہ ۾ ججز جي مقرري لاءِ آرٽيڪل 175 اي ۾ ترميم جي تجويز موجب وفاقي آئيني عدالت جو چيف جسٽس جوڊيشل ڪميشن جو ميمبر ھوندو، سپريم ڪورٽ ۽ وفاقي آئيني عدالت جو ھڪ ھڪ جج بہ جوڊيشل ڪميشن جو ميمبر ھوندو.
27 ھين آئيني ترميم ۾ سپريم ڪورٽ کان پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ جو اختيار واپس وٺڻ جي تجويز آھي .
وفاقي آئيني عدالت جو چيف جسٽس ۽ سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس آئيني عدالت يا سپريم ڪورٽ جي ڪنھن بہ جج کي گڏيل طور تي 2 سالن لاءِ نامزد ڪري سگھندا.
وفاقي آئيني عدالت جي ججز جو انگ ايڪٽ آف پارليامينٽ يا صدر جي منظوري سان ڪيو ويندو.
وفاقي آئيني عدالت جي جج جو پاڪستاني شھري ھجڻ لازمي قرار ڏيڻ ۽ وفاقي آ؟يني عدالت جي جج لاءِ عمر جي حد 68 سال مقرر ڪرڻ جي تجويز آھي، آئيني عدالت ۾ 20 سال وڪالت جو تجربو رکندڙ وڪيل جج بڻجڻ جي اھل ھوندو.
ترميم موجب عوامي مفادن جا ڪيس جيڪي آئيني بينچز ۾ ٻڌڻي ھيٺ آھن اھي پاڻمرادو وفاقي آئيني عدالت ڏانھن منتقل ٿي ويندا.
وفاقي آئيني عدالت وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن وچ ۾ تڪرارن جا ڪيس ٻڌندي ۽ صدر پاران داخل ڪيل ريفرنس جي ٻڌڻي پڻ آئيني عدالت ڪندي.
وفاقي آئيني عدالت ۾ هاءِ ڪورٽ جو اهو جج ميمبر ٿي سگھي ٿو جنهن هاءِ ڪورٽ ۾ گهٽ ۾ گهٽ 7 سال جج طور خدمتون سرانجام ڏنيون ھجن، جڏھن تہ وفاقي آئيني عدالت جي چیف جسٽس جو مدو 3 سال رکڻ جي تجويز آهي.
وفاقي آئيني عدالت جا فيصلا سپريم ڪورٽ سميت ملڪ جي سڀني عدالتن تي لاڳو ھوندا، سپريم ڪورٽ جو ڪو بہ فيصلو وفاقي آئيني عدالت تي لاڳو نہ ٿيندو، جڏھن تہ سپريم ڪورٽ جا فيصلا وفاقي آئيني عدالت کانسواءِ ملڪ جي سمورين عدالتن تي لاڳو ٿيندا ۔
آرٽيڪل 200 ۾ ترميم پڻ مسودي جو حصو آهي، صدر وٽ هاءِ ڪورٽ جي ڪنهن بہ جج کي جوڊيشل ڪميشن جي سفارش تي بدلي ڪرڻ جو اختيار ھوندو.
ججز جي بدلي جو اختيار سپريم جوڊيشل ڪميشن کي ڏنو ويندو، جڏھن تہ ھاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي بدلي نہ ڪري سگھبو.
بدلي ٿي ايندڙ جج جي سينيارٽي ان جي پهرين جج طور مقرري کان شمار ٿيندي ۽ اهڙي ڪنھن بہ جج کي بدلي نہ ڪيو ويندو، جيڪو ڪنهن ٻي عدالتي سينيارٽي تي اثرانداز ٿيندي چيف جسٽس کان سينئر ھجي۔
تجويز ڪيل مسودي موجب بدلي ٿيندڙ جج ٻي عدالت جي چيف جسٽس کان سينئر نہ ھوندو، جيڪڏھن جج بدلي کان انڪار ڪيو تہ کيس رٽائرڊ ڪيو ويندو، رٽائرمينٽ جي صورت ۾ کيس مقرر مدي تائين مراعات ڏنيون وينديون۔
وفاقي آئيني عدالت جو جج بڻجڻ کان انڪار ڪرڻ تي سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ جو لاڳاپيل بہ جج رٽائرڊ تصور ڪيو ويندو، وفاقي آئيني عدالت ۽ سپريم ڪورٽ جا چيف جسٽس جوڊيشل ڪائونسل جا ميمبر هوندا۔
وفاقي آئيني عدالت ۽ سپريم ڪورٽ جا ٻہ سينئر ججز جوڊيشل ڪائونسل جا ميمبر هوندا ۽ وفاقي آئيني عدالت يا سپريم ڪورٽ جي ڪنھن بہ جج کي سپريم ڪورٽ يا آئيني عدالت جي چيف جسٽس لاءِ گڏيل طور تي ٻن سالن لاءِ نامزد ڪيو ويندو.
هاءِ ڪورٽ جا ٻہ سينئر جج پڻ جوڊيشل ڪائونسل جا ميمبر هوندا، سپريم ڪورٽ ۽ وفاقي آئيني عدالت جي چيف جسٽس مان سينئر جوڊيشل ڪائونسل جو سربراهہ هوندو، سپريم ڪورٽ ۽ آئيني عدالت جي چيف جسٽس جي سينيارٽي جو تعين بطور چيف جسٽس کان ٿيندو.
تجويز ڪيل مسودي ۾ آرٽيڪل 243 ۾ ترميمون شامل آھن، جوائنٽ چيف آف اسٽاف ڪميٽي جو عھدو 27 نومبر 2025 کان ختم تصور ڪيو ويندو، وزيراعظم، آرمي چيف جي سفارش تي نيشنل اسٽرٽيجڪ ڪمانڊ جي مقرري ڪندو.
وفاقي حڪومت فوجي آفيسر کي فيلڊ مارشل، ايئر مارشل يا ايڊمرل چيف کي رينڪ تي ترقي ڏئي سگھندي، انھن جون مراعتون تاحيات رھنديون، فيلڊ مارشل، ايئرمارشل ۽ ايڊمرل چيف ھيروز تصور ٿيندا، ٽنھي کي آرٽيڪل 47 کان بغير ھٽائي سگھبو.
وفاقي حڪومت فيلڊ مارشل، ايئر مارشل ۽ ايڊمرل چیف جي ذميوارين جو تعين ڪندي، صدرِ، وزيراعظم جي صلاح تي ٽنهي سربراهن جون پگھارون ۽ مراعتون مقرر ڪندو، تجويز ڪيل آئيني ترميم ۾ ججز جي حلف ۾ بہ تبديلي جي تجويز شامل آھي.
پ پ جي اعتراضن بابت ترميمون تجويز ڪيل مسودي مان ختم ڪيون ويون آھن، اين ايف سي، آبادي، تعليم، صحت جي شعبن کي وفاق ڏانھن منتقل جون شقون ختم ڪيون ويون، جڏھن تہ ايگزيڪيوٽو مئجسٽريٽ جي اختيارن سان لاڳاپيل شقون پڻ خارج ڪيون ويون آهن۔….