آمريڪا ۽ ايران جي ڇڪتاڻ دوران پاڪستان هڪ قابل اعتماد ثالث طور سامهون آيو: ترڪ ميڊيا

فہرستِ مضامین

آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ ڇڪتاڻ دوران پاڪستان جي ثالثي ڪردار کي عالمي سطح تي ساراهه ملڻ جو سلسلو جاري آهي.

ترڪ ميڊيا ٽي آر ٽي موجب آمريڪا-ايران ڇڪتاڻ دوران پاڪستان ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ هڪ قابل اعتماد ثالث طور سامهون آيو. علائقائي طاقتن جي ابتڙ پاڪستان خاموش، منظم ۽ مؤثر سفارتڪاري جو طريقو اختيار ڪيو.

فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي سفارتڪاري تشهير جي بجاءِ خاموش رابطن ۽ بئڪ چينل ڊپلوميسي تي ٻڌل آهي. هن ڏکين حالتن ۾ به آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ رابطن جو سلسلو جاري رکيو۔

ترڪ ميڊيا موجب جغرافيه، عسڪري ۽ انٽيليجنس ساک، آمريڪا ۽ ايران سان لاڳاپن پاڪستان کي هڪ منفرد سفارتي حيثيت ڏني آهي. پاڪستان جي عسڪري قيادت اقتصادي راھدارين، علائقائي رابطن ۽ سفارتڪاري جي ضامن طور سامهون آئي آهي.

ٽي آر ٽي موجب پاڪستان آمريڪا، چين، خليجي رياستن، ايران ۽ ترڪي سان فعال لاڳاپا برقرار رکيا آهن. پاڪ-سعودي دفاعي معاهدي پاڪستان جي علائقائي ساک کي وڌيڪ مضبوط ڪيو آهي.

ترڪ ميڊيا جو چوڻ آهي ته فيلڊ مارشل سيد عاصم منير پاڪستان جي مغربي سرحدن تي دهشتگردي خلاف سخت موقف اختيار ڪيو آهي. پاڪستان هڪ قابلِ قبول ثالث طور سامهون آيو آهي، پر پنهنجو اثر و رسوخ برقرار رکڻ لاءِ ان کي معاشي مسئلن تي ضابطو آڻڻو پوندو۔

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں