آمريڪي نائب صدر جي ڊي وینس بابت آمريڪي ميڊيا ۾ هي خبرون گردش ڪري رھيون آهن ته هو 2028ع جي صدارتي چونڊ ۾ حصو نه وٺڻ تي غور ڪري رھيو آهي.
رپورٽن موجب، جي ڊي وینس جي ويجهن حلقن کيس صلاح ڏني آهي ته موجوده سياسي حالتن ۾ صدارتي مقابلي کان پري رھڻ سندس سياسي مستقبل لاءِ وڌيڪ بهتر ٿي سگهي ٿو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته آمريڪي صدر ٽرمپ جي گهٽجندڙ عوامي مقبوليت ۽ عالمي سياسي ڇڪتاڻ سبب ريپبلڪن پارٽي کي دٻاءُ کي منهن ڏيڻو پئجي رھيو آهي، جنهن جو اثر جي ڊي وینس جي سياسي ساک تي به پئجي سگهي ٿو.
رپورٽن مطابق، وینس جي حامين جو خيال آهي ته هو اڃا صرف 41 سالن جو آهي ۽ مستقبل ۾ به کيس صدارتي سياست ۾ اچڻ جا ڪيترائي موقعا ملي سگهن ٿا، تنهنڪري کيس مشورو ڏنو پيو وڃي ته هو 2028ع جو اليڪشن ڇڏي ڪنهن وڌيڪ مناسب وقت جو انتظار ڪري۔
رپورٽن موجب، هڪ ويجهي ذريعي برطانوي اخبار ڊيلي ميل کي ٻڌايو آهي ته جيڪڏھن هو هن وقت صدارتي مقابلي ۾ شامل ٿين ٿا ته گذريل ڪجهه سالن دوران ٿيل سمورن سياسي فيصلن ۽ تڪرارن جو بار به انهن تي اچي سگهي ٿو.
تنهن هوندي به ڪجهه سياسي مبصرن جو خيال آهي ته آمريڪي سياست ۾ صدارتي اميدوار ٿيڻ جو موقعو بار بار نٿو ملي.
هڪ ٻئي ذريعي موجب، هر سياستدان لاءِ وائيٽ هائوس تائين پهچڻ واري “ونڊو” تمام محدود هوندي آهي، جيڪڏھن هن وقت قدم نه کنيو وڃي ته شايد ٻيهر اهڙو موقعو نه ملي.
وڌيڪ چيو ويو آهي ته جيڪڏھن جي ڊي وینس 2032ع يا 2036ع تائين انتظار ڪن ٿا ته ان دوران پنهنجي سياسي اهميت برقرار رکڻ انهن لاءِ وڏو چئلينج بڻجي سگهي ٿو۔