آمريڪا کي خطي ۾ وڌيڪ اڏا قائم ڪرڻ جو موقعو نہ ملندو: مجتبيٰ خامنہ اي

فہرستِ مضامین

تهران: ايران جي سپريم ليڊر چيو آهي ته آمريڪا کي خطي ۾ وڌيڪ فوجي اڏا قائم ڪرڻ جو موقعو نه ملندو، مستقبل امتِ مسلمه ۽ نئين اسلامي تهذيب جو آهي۔

حج جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ مجتبیٰ خامنہ ای چيو ته “الله اڪبر” جو نعرو اهو هٿيار آهي جنهن امتِ مسلمه ۽ مزاحمتي محاذ جي مجاهد نوجوانن وچ ۾ لاڳاپن کي مضبوط ڪيو آهي۔

ايراني سپريم ليڊر حج جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته هي اتحاد ايران کان لبنان، فلسطين، عراق ۽ شام تائين، جڏھن ته آفريڪا ۽ يمن کان پاڪستان ۽ دنيا جي سڀني آزاد قومن تائين پکڙيل آهي۔

ٽيليگرام چينل تي ايراني سپريم ليڊر مجتبیٰ خامنہ ای چيو آهي ته خليجي طاقتون هاڻي آمريڪي فوجي اڏن لاءِ ڍال نه رھنديون ۽ آمريڪا کي خطي ۾ هاڻي محفوظ پناهه گاهه حاصل نه ٿيندي۔

هي بيان اهڙي وقت سامهون آيو آهي جڏھن تهران ۽ واشنگٽن پنهنجي ٽن مهينن کان جاري تڪرار جي خاتمي لاءِ هڪ فريم ورڪ تي ڳالهين ۾ مصروف آهن۔

هن چيو ته وقت جو ڦيٿو پوئتي نٿو ڦري، خطي ۾ صهيوني نظام پنهنجي ڪمزور ۽ آخري مرحلن ڏانهن وڌي رھيو آهي، ايراني انقلاب خطي ۾ ٻاهرين اثر رسوخ کي گهٽايو آهي، مستقبل جي اسلامي تهذيب مسلم امه جو گڏيل هدف هجڻ گهرجي، جڏھن ته مسلم ملڪن کي ٻاهرين دٻاءَ کان آزاد ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي۔

هن وڌيڪ چيو ته خطي جون قومون پنهنجو مستقبل پاڻ طئي ڪنديون، دشمن کي تباهه ڪندڙ حملن سان مڪمل طور بي وس ڪيو ويو، آمريڪي جارحيت جي جواب ۾ ايران هٿيار نه ڦٽا ڪري کيس هڪ چٽو جواب ڏنو، دشمن خلاف ايران ۽ لبنان ۾ شاندار فتح جو سبب “الله اڪبر” جي عقيدي تي يقين آهي۔

ايراني سپريم ليڊر چيو ته هر مسلم ملڪ جو فرض آهي ته هو اسلام جي مستقبل لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، جڏھن ته هن سال حج جي موقعي تي “مرگ بر آمريڪا” ۽ “مرگ بر اسرائيل” جا نعرا هر مسلمان جي زبان تي هوندا۔

ايران جي سپريم ليڊر مجتبیٰ خامنہ ای مارچ ۾ اقتدار سنڀاليو، جڏھن سندس والد علي خامنہ اي آمريڪا ۽ اسرائيل جي فضائي حملن ۾ شهيد ٿي ويا هئا، جڏھن ته مجتبیٰ خامنہ اي اڃا تائين عوامي طور منظرِ عام تي نه آيو آهي۔

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں