اڀرندڙ پاڪستاني اداڪارا حنا آفريدي هڪ ڀيرو ٻيهر سوشل ميڊيا تي بحث جو موضوع بڻجي وئي آهي.
اداڪارا پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ماڊلنگ کان ڪئي هئي ۽ هاڻي ڊراما انڊسٽري ۾ تيزيءَ سان مقبوليت حاصل ڪري رھي آهي. سندس هڪ ڊرامو تازو ئي ختم ٿيو، جنهن جي آخري قسط جو پريميئر ڪراچي جي هڪ سينيما ۾ رکيو ويو هو.
پريميئر تقريب ۾ حنا آفريدي منٽ ۽ ليونڊر رنگ جي ساڙي پائي شرڪت ڪئي، جتي هن شوبز شخصيتن سان ملاقاتون ڪيون، جن ۾ سندس ڊرامي جو ساٿي اداڪار فراز فاروقي به شامل هو۔
تقريب دوران حنا آفريدي فراز فاروقي سان ملاقات وقت کيس ڀاڪر پاتو ۽ چيو ته هو 5 وقت نماز پڙھندو آهي ۽ سندس دعائن منهنجي ڪيريئر ۾ مدد ڪئي آهي. ٻنهي جي اها وڊيو سوشل ميڊيا تي تيزيءَ سان وائرل ٿي وئي آهي۔
وڊيو وائرل ٿيڻ کان پوءِ سوشل ميڊيا استعمال ڪندڙن طرفان سخت تنقيد سامهون اچي رھي آهي. ڪجهه صارفين اداڪارا جي شادي شده هجڻ جو حوالو ڏيندي اعتراض اٿاريا، جڏھن ته ڪجهه ماڻهن فراز فاروقي جي مذهبي رجحان جو ذڪر ڪندي سندس رويي تي سوال اٿاريا.
هڪ صارف لکيو ته “الله انهن جي مڙس کي صبر ڏئي”، جڏھن ته ٻئي تبصرو ڪيو ته جيڪڏھن هو نماز پڙھندڙ آهي ته کيس خبر هجڻ گهرجي ته غير محرم سان ڀاڪر پائڻ مناسب ناهي. هڪ ٻئي صارف چيو ته هوءَ هڪ شادي شده عورت آهي.
ٻئي پاسي ڪجهه سوشل ميڊيا صارفين فنڪارن جو دفاع ڪندي چيو ته ڪنهن مختصر وڊيو جي بنياد تي ڪنهن جي ذاتي ڪردار تي تنقيد ڪرڻ درست ناهي۔