تهران: ايراني پارليامينٽ جي قومي سلامتي ڪميٽي جي سربراهه ابراهيم عزيزي چيو آهي ته آبناءِ هرمز کي ڪڏهن به ڳالهين جو حصو نه بڻايو ويندو، جيئن جوھري معاملن ۾ ڪيو ويو هو۔
هڪ بيان ۾ ابراهيم عزيزي چيو ته جيڪڏھن آمريڪي ناڪابندي ختم ٿي وئي ته آبي گذرگاهه مان گذرڻ جو عمل ايران جي طئي ڪيل انتظامن تحت ٿيندو۔
هن چيو ته آبناءِ هرمز مان آمدرفت غير فوجي ۽ غير حريف ٽريفڪ لاءِ هوندي، اصولي طور تي اسان کي ڪنهن کان به ان جي منظوري جي ضرورت ناهي، هي اسان جا علائقائي پاڻي ۽ اسان جا جائز حق آهن۔
هڪ ٻي بيان ۾ ابراهيم عزيزي چيو ته ايران دٻاءُ ۽ ڌمڪين اڳيان نه جهڪندو، سفارتي محاذ تي برابري جي پاليسي اختيار ڪئي ويندي، آمريڪي صدر جي ڪوڙن دعوائن تي يقين نه ڪيو وڃي۔