ڪراچي: سنڌحڪومت صوبي ۾ گريڊ 5 کان 15 تائين ڀرتين تي پابندي ڪري ڇڏي آھي، انھي حوالي سان نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آھي.
سنڌ حڪومت پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، گريڊ 5 کان 15 تائين سرڪاري ڀرتين تي لڳل پابندي ختم ڪئي وئي آهي.
نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي تہ لاڳاپيل کاتا پنهنجي ضابطن جي موجب ڀرتيون شروع ڪن.
ياد رھي تہ 28 آڪٽوبر تي وڏي وزير مراد علي شاهہ ڪراچي ۾ سنڌ جاب پورٽل جو افتتاح ڪيو هو. افتتاحي تقريب ۾ خطاب ڪندي وڏي وزير چيو تہ گريڊ 1 کان 5 جي نوڪرين جو عمل ايندڙ 15 ڏينهن ۾ شروع ٿي ويندو.